اسلام آباد – 09 – مارچ (اي پي پي) وفاقي ڪابينا حج پ??لي??ي 2023ع ۽ قومي ڪلين ايئر پ??لي??ي جي باضابطا منظوري ڏئي ڇڏي آهي، وفاقي ڪابينا نيب ترميمي آرڊيننس 2023ع جي پڻ منظوري ڏني جڏهن ته وزيراعظم محمد شهباز شريف هدايت ڪئي آهي ته پاڪستاني حاجين جي سفر ۽ حج دوران هر ممڪن سهولتون فراهم ڪرڻ جي لاءِ اعليٰ عملدار سعودي عرب عملدارن جي تعاون سان موثر ۽ ٺوس حڪمت عملي جلد کان جلد مڪمل ڪن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جو اجلاس وزيراعظم هائوس ۾ ٿيو. ان موقعي تي ڳالهائيندي وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته قومي ڪلين ايئر پ??لي??ي جي جوڙجڪ تي ماحولياتي تبديلي واري وزارت ساراهه جوڳي آهي، ڪلين ايئر پ??لي??ي تي موثر عملدرآمد جي لاءِ ضروري قدم کنيا وڃن. وفاقي ڪابينا ماحولياتي تبديلي واري وزارت جي سفارش تي نيشنل ڪلين ايئر پ??لي??ي جي منظوري ڏئي ڇڏي. وزيراعظم چيو ته قومي ڪلين ايئر پ??لي??ي جي جوڙجڪ تي ماحولياتي واري وزارت ساراهه جوڳي آهي، ڪلين ايئر پ??لي??ي تي موثر عملدرآمد جي لاءِ ضروري قدم کنيا وڃن. وفاقي ڪابينا ماحولياتي تبديلي واري وزارت پاران نيشنل ڪلين ايئر پ??لي??ي منظوري جي لاءِ پيش ڪئي وئي. ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته پاڪستان ۾ گذريل سالن ۾فضائي آلودگي ۾ چڱو خاصو اضافو ٿ??و آهي. ايئر ڪوالٽي انڊيڪس رپورٽ 23 – 2022ع موجب ڪراچي ۽ لاهور پاڪستان ۾ هوا ۾ موجود آلودگي جي لحاظ کان سڀ کان وڌيڪ متاثر شهر آهن. رپورٽ موجب پاڪستان ۾ فضائي آلودگي جي ڪري انساني عمر جي سراسري حد ۾ 2.7 سالن جي گهٽتائي ٿي. عالمي بئنڪ جي 2016ع جي رپورٽ موجب پاڪستان جي معيشت کي فضائي آلودگي جي ڪري ڪافي س??لي??نو نقصان کڻڻو پوي ٿو. تازن سالن ۾ شهرن ۾ سموگ سان حادثن ۽ مختلف بيمارين جي انگ ۾ تمام گهڻو اضافو ٿ??و آهي. ان حوالي سان موسمياتي بديلي واري وزارت شهرين جي صحت جي حفاظت، س??لي??ني فوتگين ۾ گهٽٽائي، زراعت ۽ شهري ۽ ڳوٺاڻن علائقن ۾ هوا جي معيار کي بهتر بڻائڻ جي حوالي سان هڪ ٺوس پ??لي??ي جوڙي. پ??لي??ي ۾ تجويز ڪيو و??و آهي ته ٻارڻ جي معيار کي يورو 5 کان يورو 6، صنعتن جي اخراج جي لاءِ سخت قانونن، زراعت ۾ جدت ۽ فصلن جي گند ڪچري کي ساڙڻ جو موثر تدارڪ، ڪچري کي تلف ڪرڻ جي عالمي سطح تي لاڳو طريقيڪار ۽ کاڌي پچائڻ ۾ گهٽ گئسن جي اخراج واري طريقيڪار جي پذيرائي ڪئي ويندي. پ??لي??ي جي لاڳو ٿيڻ سان ايندڙ 10 سالن ۾ زهريلي گئسن جي اخراج ۾ سراسري 40 سيڪڙو گهٽتائي ايندي. پ??لي??ي جي موثر ۽ يقيني لاڳو ڪرڻ جي لاءِ هڪ نيشنل ايڪشن ڪميٽي جڏهن ته هڪ ٽيڪنيڪل ڪميٽي ٺاهي ??يندي. نيشنل ايڪشن ڪميٽي نه رڳو ان حوالي سان ڏورس پ??لي??ي رهنمائي فراهم ڪندي پر 5 سالن کانپوءِ پ??لي??ي ۾ زميني حقيقتن کي نظر ۾ رکندي ان ۾ ضروري تبديليون ڪندي. ٽيڪنيڪل ڪميٽي پ??لي??ي جي لاڳو ڪرڻجي حڪمت عملي ٺاهي ان تي عملدرآمد کي يقيني بڻائيندي ۽ نيشنل ايڪشن ڪميٽي کي ان تي رپورٽ ڪندي. ان ٽيڪنيڪل ڪميٽي پ??لي??ي جي لاڳو ڪرڻ ۾ ايندڙ رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ جون تجويزون پڻ پيش ڪندي. پاڪستان هن وقت شديد آلودگي جو شڪار آهي ۽ ان جا ڪيترائي وڏا شهر ايئر ڪوالٽي انڊيڪس جي حساب سان خطرناڪ درجن ۾ شمار ڪيا وڃن ٿا. تازه ترين انگن اکرن موجب هوائي آلودگي جي ڪري پاڪستان ۾ انساني سراسري عمر ۾ 2.7 سال جي گهٽتائي ٿي آهي. انهي ڏس ۾ ماحولياتي تبديلي واري وزارت نيشنل ڪلين ايئر پ??لي??ي جوڙي. نيشنل ڪلين ايئر پ??لي??ي جي لاڳو ٿيڻ سان فضائي آلودگي ۾ گهٽتائي ٿيندي ۽ سراسري انساني عمر ۾ ٻن سالن جو اضافو ٿي سگهي ??و. وفاقي ڪابينا کي پاور ڊويزن پاران توانائي بچت جي حوالي سان حڪمت عملي تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته پاور، پيٽروليم واري وزارت، صنعت ۽ واپار واري وزارت ۽ اطلاعات واري وزارت ڪابينا پاران مقرر ڪيل هدفن تي ترجيحي بنيادن تي عملدرآمد يقيني بڻائي رهيون آهن. وفاقي ڪابينا قانون ۽ انصاف واري وزارت جي سفارش تي نيشنل نيب ترميمي آرڊيننس 2023ع جي منظوري ڏئي ڇڏي. قومي احتساب بيورو آرڊيننس 1999?? ۾ ڪيل تازين ترميمن سان ڪجهه قانوني ڏکيائيون پيدا ٿي ويون هيون جهڙوڪ ڪيترائي اهڙا ڪيسز جيڪي نيب آرڊيننس جي دائري ۾ نه ايندا هئا، جي ٻين عدالتن، ٽربيونلز ۽ فورمز تي منتقلي ۾ ڏکيائيون درپيش هيون، سمورين ڌرين سان مشاورت کانپوءِ نيب آرڊيننس XVIII ۾ اهي ترميمون ڪيون ويون آهن جن کانپوءِ احتساب عدالت کي انهن ڪيسز جي منتقلي ۾ قانوني جواز حاصل ٿي ويندو، انهن ترميمن سان اهو تاثر به ختم ٿي ويندو ته اهڙا ڪيسز جيڪي نيب آرڊيننس جي دائري ۾ نه ٿا اچن، اهي ڊي ڪريمينلائيز ٿي وڃن ٿا. وفاقي ڪابينا حج پ??لي??ي 2023ع جي باضابطا منظوري ڏئي ڇڏي. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته پاڪستاني حاجين جي سفر ۽ حج دوران هر ممڪن سهولتون فراهم ڪرڻ جي لاءِ اعليٰ عملدار سعودي عرب عملدارن جي تعاون سان موثر ۽ ٺوس حڪمت عملي جلد کان جلد مڪمل ڪن. وفاقي ڪابينا اقتصادي رابطا ڪميٽي جي پهرين مارچ 2023ع ۽ 6 مارچ 2023ع تي ٿيندڙ اجلاسن ۾ ڪيل فيصلن جي پڻ توثيق ڪئي. وفاقي ڪابينا ليجسليٽو ڪيسز بابت ڪابينا ڪميٽي جي 6 مارچ 2023ع جي اجلاس ۾ ڪيل فيصلن جي پڻ توثيق ڪري ڇڏي.