اسلام آباد – 02 – مارچ (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ 23 جنوري 2023ع تي بجلي جي ڊگهي بريڪ ڊائون جي انڪو??ئر?? رپورٽ ڪابينا ۾ پيش ڪئي وئي، انڪو??ئر?? رپورٽ ۾ انساني غفلت ۽ بجلي جي پهچ جي نظام ۾ موجود خرابيون بنيادي سبب قرار ڏنا ويا آهن جڏهن ته وزيراعظم چيو آهي ته قوم منتظر آهي ته پاور بريڪ ڊائون جي ذميوارن کي انهن جي ان سنگين لاپرواهي تي قرار واقعي سزا ڏني و??ي، ڪيپڪو جي پاور پرچيز معاهدي جي وقت سر تجديد ڇو نه ڪئي وئي، بجلي جي پيداوار ۽ پهچ جي نظام ۾ سڌارن جي حوالي سان هڪ ٺوس حڪمت عملي جوڙي و??ي. وزيراعظم آفيس جي ميديا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جو اج??اس وزيراعظم هائوس اسلام آباد ۾ ٿيو. وفاقي ڪابينا کي 23 جنوري 2023ع تي ملڪ گير پاور بريڪ ڊائون جي تفصيلي رپورٽ پيش ڪئي وئي. اها رپورٽ وزيراعظم جي هدايت تي قائم ڪيل چار رڪني انڪو??ئر?? ڪميٽي جوڙي جنهن جي سربراهي پيٽروليم وارو مملڪتي وزير مصدق ملڪ ڪري رهيو هو. رپورٽ ۾ نه رڳو ان واقعي جا بنيادي سبب ٻڌايا ويا آهن پر ان حوالي سان ذميوارن جي نشاندهي ۽ اڳتي اهڙن واقعن کان بچڻ جي لاءِ تجويزون پڻ ڏنيون ويون آهن. اج??اس کي ٻڌا??و ويو ته 23 جنوري 2023ع جي صبح ساڍي 7 وڳي کان بجلي جو بريڪ ڊائون پاور پلانٽس جي ٽرپ ٿيڻ سان رڳو چار منٽ ۾ پوري ملڪ ۾ پکڙجي ويو. ان جو بنيادي سبب انساني غفلت هئي جيڪو رات جو بند ڪيل اي سي سرڪٽس کي صبح جي وقت سوئچ آن نه ڪرڻ هو. جيئن ئي ملڪ جي اتر ۾ بجلي جي طلب کي پورو ڪرڻ جي لاءِ ڏکڻ علائقي ۾ ونڊ انرجي سان پيدا ڪئي ويندڙ بجلي سسٽم ۾ شامل ڪ??ي وئي ته اي سي لائين جي فريڪوئنسي غيرمعمولي طور تي و??ي وئي. ان فريڪوئنسي ۾ هڪدم اضافي سان مختلف پاور پلانٽس خودڪار سيڪيورٽي سسٽم تحت ٽرپ ڪري ويا. پاور پلانٽس کي بليڪ اسٽارٽ سسٽم ذريعي ري اسٽارٽ ٿيڻو هو پر ان نظام جي ناڪامي جي ڪري ڪيترن ئي علائقن ۾ بجلي جي بحالي ۾ تمام گهڻي دير ٿي. وڌيڪ اهو ته اج??اس کي ٻڌا??و ويو ته ڪوٽ ادو پاور ڪميٽي جنهن وٽ بليڪ اسٽارٽ جي سهولت موجود آهي پر ان پاور پلانٽ جي معاهدي جو مدو ختم ٿي چڪو آهي. اج??اس جي شرڪت ڪندڙن سان ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته قوم منتظر آهي ته ان وڏي واقعي جي ذميوارن کي انهن جي ان سنگين لاپرواهي تي قرار واقعي سزا ڏني و??ي. هن هدايت ڪئي ته پاور ڊويزن ان ڏوهاري غفلت جي مرتڪب اهلڪارن جي خلاف فوري طور تي محڪماڻي ڪارروائي ڪري. وزيراعظم پڇاڻو ڪيو ته ڪيپڪو جي پاور پرچيز جي معاهدي جو مدو جيڪڏهن ختم ٿي چڪو هو ته ان معاهدي جي تجديد جي لاءِ ضروري ڪارروائي ۾ دير ڇو ڪئي وئي. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي اها به هدايت ئي ته بجلي جي نظام کي سپروائيزري ڪنٽرول اينڊ ڊيٽا ايڪوزيشن (ايس سي اي ڊي اي) سان ڳنڍڻ جي لاءِ ضروري قدم کنيا وڃن. هن هدايت ڪئي ته پاور ڊويزن ۽ ٻيا لاڳاپيل ادارا بجلي جي پيداوار ۽ پهچ جي نظام ۾ سڌارن جي حوالي سان هڪ ٺوس حڪمت عملي جوڙي ڪابينا جي منظوري لاءِ پيش ڪن. وفاقي ڪابينا کي بجلي چوري ۽ لائين لاسز جي حوالي سان پاور ڊويزن هڪ تفصيلي بريفنگ ڏني. اج??اس کي پاور ڊويزن پاران تجويز ڏني وئي ته اهڙا علائقا جتي لائين لاسز 60 سيڪڙو ۽ ان کان وڌيڪ آهن اتي صورتحال کي ضابطي ۾ آڻڻ جي لاءِ هڪ خصوصي پوليس فورس جوڙي و??ي. اج??اس کي و??يڪ ٻڌا??و ويو ته سڄي ملڪ ۾ بجلي سان هلندڙ ٽيوب ويلز جي سولرائيزيشن جو منصوبو غور هيٺ آهي جنهن جي شروعات سڀ کان اڳ بلوچستان کان ڪئي ويندي. وزيراعظم بجلي چوري، لائين لاسز کي ختم ڪرڻ جي حوالي سان حڪمت عملي ۽ بجلي سان هلندڙ ٽيوب ويلز جي سولرائيزيشن جي حوالي سان هڪ خصوصي ڪابينا ڪميٽي جوڙڻ جي هدايت ڪئي.