اسلام آباد – 16 – فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري 16 کان 20 فيبروري ??ائين م??ونخ سيڪيورٽي ڪانفرنس ۾ شرڪت جي لاءِ جرمني جي دوري ??ي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان م??تاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته پرڏيهي وزير سيڪيروٽي ڪانفرنس ۾ گول ميز مباحثن سميت ڪيترن ئي پروگرامن ۾ شرڪت ڪندو. هن چيو ته بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي هم منصبن ۽ ڪانفرنس ۾ شريڪ اڳواڻن سان ٻطرفيون م??اقاتون ڪندو. ترجمان چيو ته پرڏيهي وزير جرمني جي دوري کانپوءِ لٿوانيا جي پرڏيهي وزير جي دعوت تي سرڪاري ??وري ??ي لٿوانيا ويندو. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري 20 کان 21 فيبروي تائين ولنيئس ۾ پرڏيهي وگير گيبرليس لينڊ سبرگس سان وسيع معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪندو ۽ لٿوانيا جي پارليام??نٽ جي اسپيڪر سان م??اقات ڪندو، ٻئي ڌريون ٻطرفي سياسي مشاورت قائم ڪرڻ بابت مفاهمتي ياداشت تي پڻ صحيحون ڪندو. ترجمان چيو ته پنهنجي دوري ??ي آخري مرحلي ۾ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري 21 کان 22 فيبروري ??ائين هنگري ??و دورو ڪندو ۽ هنگري ??ي هم منصب پيٽر سيجارٽو سان ڳالهه ٻولهه ڪندو. ڳالهه ٻولهه ۾ ڌريون ٻطرفن لاڳاپن جي سمورن رخن تي غور فڪر ڪندا ۽ علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندا. پرڏيهي وزير ٻطرفي تعاون بابت مفاهمت جي ٻن ياداشتن تي پڻ صحيحون ڪندا جنهن ۾ هڪ سفارتي اڪيڊمين جي وچ ۾ تعاون ۽ ٻيو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ راندين ۽ تعليم بابت هوندو.