ڪراچي – 17 – جنوري (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽ?? زرداري چيو آهي ته جيئي ڀٽ?? جي نعرن سان گونجندڙ ڪراچي ۽ حيدرآباد نفرت جي سياست ڪندڙن کي رد ڪري ڇڏيو آ??ي، عوام ووٽ جي طاقت سان نام نهاد مقبول اڳواڻن جو پول به کولي ڇڏيو، بلدياتي چونڊن کانپوءِ ثابت ٿي ويو آهي ته پيپلزپارٽي سنڌ جي شهري ۽ ڳوٺاڻن علائقن جي واحد سڀ ک??ن وڏي پارٽي آ??ي، ڪراچي ۽ حيدرآباد جي عوام جا ٿورا مڃان ٿو ته انهن جيالي اميدوارن کي ووٽ ڏئي چونڊيو. بلاول هائوس پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن اليڪشن ڪميشن پاران بلدياتي چونڊن جي نتيجن جي اعلان کانپوءِ ڪيو آهي. بلاول ڀٽ?? زرداري چ??و ته پيپلزپارٽي وفاق جي زنجير آهي ۽ ملڪ جي سمورن طبقن تي ٻڌل ڪراچي ۾ پيپلزپارٽي جي فتح سڄي ملڪ جي فتح آهي. ڪراچي ۽ حيدرآباد جي ترقي لاءِ سمورين سياسي ڌرين کي گڏجي ڪم ڪرڻ، عوام جي خوشحالي جو سبب بڻجندو. بلاول ڀٽ?? زرداري وڌيڪ چ??و ته عوام پاڪستان پيپلزپارٽي جي اميدوارن کي چونڊي سنڌ حڪومت ??ي ڪارڪردگي تي اعتماد جو اظهار ڪيو آهي. جيئي ڀٽ?? جي نعرن سان گونجندڙ ڪراچي ۽ حيدرآباد نفرت جي سياست ڪندڙن کي رد ڪري ڇڏيو آهي. بلاول ڀٽ?? زرداري چ??و ته بلدياتي چونڊون کٽيندڙ سڀني جيالي اميدوارن جي ذميواري آهي ته اهي عوام جي اعتماد تي پورو لهڻ جي لاءِ پنهنجي صلاحيتن جو مظاهرو ڪن. واضح رهي ته ڪراچي ۾ سڀ ک??ن وڌيڪ يونين ڪائونسل چيئرمين پيپلزپارٽي جا ڪامياب ٿيا آهن، ٻئي نمبر تي جماعت اسلامي آهي.