اسلام آباد – 06 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي فيصل مسجد ۾ عورتن جي ??ماز تي پابندي ۽ صفائي جي ??اقص صورتحال جي رپورٽ جو نوٽيس وٺندي چيو آهي ته سڄي دنيا جي ??سجدن ۾ مناسب اسلامي لباس ۽ مٿو ڍڪي عورتن کي نماز پڙهڻ جي اجازت آهي، فيصل مسجد مذهبي ۽ سياحتي اهميت رکندڙ آهي پر مرڪزي هال ۾ نه ته عورتن جي ??اءِ نماز جي جدا جڳهه آهي نه ئي ان ۾ دا??ل ٿيڻ جي اجازت آهي. ايوان صدر جي ??ريس ونگ موجب صدر اهڙن ??يالن جو اظهار ڊان نيوز جي 14 سيپٽمبر جي خصوصي رپورٽ جو نوٽيس وٺندي ڪيو جنهن ۾ مسجد ۾ عورتن جي ??ماز پڙهڻ تي پابندي، صفائي ۽ سارسنڀال جي ??اقص صورتحال ۽ مسجد جي اڱڻ ۾ پينو فقيرن جي ??وجودگي جي ??شاندهي ڪئي وئي هئي. صدر چيو ته ضعيف ۽ بيمار عورتن کي لفٽ نه هجڻ جي ڪري ڏکيائي کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. هن سوال ڪيو ته انهن پابندين کي منهن ڏيندي عورتون پنهنجي ??ماز ڪيئن ادا ڪري سگهنديون. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته منهنجي راءِ ۾ عورتن کي مرڪزي هال ۾ مخصوص جڳهه تي نماز ادا ڪرڻ جي اجازت هجڻ گهرجي، عورتن کي ان عظيم مسجد جي تعميراتي خوبصورتي کي ساراهڻ جي ??اءِ مرڪزي هال ۾ وڃڻ جي به اجازت هجڻ گهرجي. صدر چيو ته منهنجي اها راءِ حرمين شريفن سميت پوري دنيا جي ??شاهدي تي ٻڌل آهي. سي ڊي اي ايوان صدر کي پنهنجي رپورٽ ۾ ٻڌايو ته صورتحال جي بهتري لاءِ قدم شروع ڪيا آهن، دعوته اڪيڊمي جي ??اليسي تحت صرف هڪ گيلري عورتن جي ??اءِ مخوص آهي، مرڪزي هال ۾ عورتن کي دا??ل ٿيڻ جي اجازت نه آهي. صدر خواهش ظاهر ڪئي آهي ته فيصل مسجد جا منتظم انهن مسئلن تي وڌيڪ وضاحت ڪن.