اسلام آباد – 17 آڪٽوبر (اي پي پي) نيشنل هيلٿ سروسز واري وفاقي ??زير عبدالقادر پٽيل چيو آهي، ته حڪومت هاڻوڪي ٻوڏ جي نتيجي ۾ تباهه ??يل صحت جي بنيادي ڍانچي جي بحالي لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آڻي ر??ي آهي. بيان مطابق عبدالقادر پٽيل برلن ۾ معاشي طور تعاون جي باري ۾ جرمن پارليامينٽري، اسٽيٽ سيڪريٽري، باربل ڪوفلر سان ملاقات دوران چيو ته سنڌ ۽ بلوچستان ۾ غير معمولي قدرتي آفتن سبب صحت جي بنيادي ڍانچو مڪمل طور تباهه ??ي ويو آهي. وفاقي ??زير چيو ته پاڪستان کي ٻوڏ سبب متاثر علائقن ۾ صحت جي نظام جي بحالي لاءِ عالمي ??را??ري جي امداد جي ضرورت آهي. معاشي معاملن جي تعاون جي باري ۾ باربل ڪوفلر يقين ڏي??ريو ته جرمني پاڪستان جي ٻوڏ متاثرين سان مڪمل تعاون جاري رکندو. ان موقعي تي پاڪستان جو سفير ڊاڪٽر محمد فيصل پڻ موجود هو.