اسلام آباد – 16 – سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ انساني همدردي جي بنياد تي قائم فضائي پل جي تسلسل ۾ گڏيل عرب امارات ما?? وڌيڪ ٻه امدادي اڏامون ڪراچي جي جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي پهچي ويون. پرڏيهي آفيس موجب پاڪستان جي ٻوڏ متاثرين جي لاءِ گڏيل عرب امارات ما?? مجموعي طور تي 41 اڏامون خوراڪ، طبي سامان ۽ خيما وغيره کڻي پاڪستان پهتيون آهن. ترجمان چيو ته پاڪستان گڏيل عرب امارات جي حڪومت ۽ عوام جا هن سنگين بحران جي گهڙيءَ ۾ پاڪستاني عوام جي مسلسل حمايت تي ٿورائتا آهيون.