نيويارڪ – 22 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 77 هين اجلاس جي موقعي تي سي او پي 27 جي گول ميز ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب پرڏيهي وزير چيو ته موسميات?? تبديلي سمورين قومن ۽ ماڻهن جي لاءِ هڪ سنگين خطرو آهي، ان جا اثر واضح ۽ شديد ٿيندا پيا وڃن جنهن جو اظهار پاڪستان ۾ تاز?? تباهي آڻيندڙ ٻوڏ مان ٿئي ٿو. هن چيو ته عالمي ??طح تي گرين هائوس گئسن جي اخراج ۾ گهٽ کان گهٽ حصي جي باوجود پاڪستان کي گرمي ??ي لهرن، برطانوي طوفان، سوڪهڙي، طوفاني برساتن ۽ شديد چوماسي جي صورت ۾ قدرتي آفتون درپيش آهن جنهن جي نتيجي ۾ پاڪستان کي انساني جانين جي زيان کانسواءِ معاشي نقصان درپيش آ??ي. ??رڏيهي وزير پاڪستان ۾ تازي ٻوڏ سان ٿيندڙ تباهي جو ذڪر ڪندي چيو ته ان سان جاني ۽ معيشت کي نقصانن سان گڏوگڏ اهم انفراسٽرڪچر کي وڏي پئماني تي نقصان ٿيو آ??ي. ??ن چيو ته معيشت کي 30 ارب ڊالر کان وڌيڪ جو نقصان ٿيو آ??ي. ??رڏيهي وزير هلندڙ م??يني جي شروع ۾ پاڪستان سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ گڏيل قومن جي سيڪريٽ??ي جنرل جي پاڪستان جي دوري تي سندس ٿورا مڃيا ۽ مختلف ملڪن جي اڳواڻن پاران ملاقات دوران اظهار ڪيل جذبن کي ساراهيو.