اسلام آباد ??? 09 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سان يو ايس ايڊ جي ايڊمنسٽر??ٽر سمانٿا پاور پرڏيهي آفيس ۾ ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب پرڏيهي وزير يو ايس ايڊ جي ايڊمنسٽر??ٽر کي پاڪستان ۾ ٻوڏ جي تباهين ۽ حڪ??مت پاران بحالي ۽ امداد جي سرگرمين کان آگاه?? ڪيو. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري امدادي سرگرمين جي لاءِ 30 ملين ڊالر جي امداد تي يو ايس ايڊ جا ٿورا مڃيا ۽ يو ايس ايڊ جي ايڊمنسٽر??ٽر سان پاڪستان جي لاءِ عالمي برادري جي وسيلن کي متحرڪ ڪرڻ جي حوالي سان تعاون جي خواهش جو اظهار ڪيو. پرڏيهي وزير ۽ يو ايس ايڊ جي ايڊمنسٽر??ٽر جي وچ ۾ ملاقات دوران موسمياتي تبديلي ۽ ان سان مقابلي جي لاءِ حڪ??ت عملي تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ٿي.