فيصل آباد – 05 – آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان علماءِ ڪائونسل جي مرڪزي چيئرمين صاحبزاده زاهد محمود قاسمي چيو آهي ته اسان ڀا??تي غاصباڻي فوجي گهيراءُ ۽ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀا??تي فوج جي ظلمن ۽ ڪشميري عوام جي خلاف ڀارت جي 5 آگسٽ 2019ع جي هڪطرفي غيرقانوني قدمن جي مذمت سميت عالمي دنيا کان پرزور مطالبو ڪريون ٿا ته هو والاريل ڪشمير ۾ ڀا??تي قابض فوج جي ظلمن جو نوٽيس وٺي ۽ ڪشمير مسئلي جي فوري حل لاءِ پنهنجو موثر ڪردار ادا يقيني بڻائي. هو ڪشمير استحصال ڏهاڙي جي موقعي تي فيصل آباد جي جامعيه قاسميه ۾ ٿيندڙ يڪجهتي ڪشمير ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو. هن چيو ته مرڪزي علماءِ ڪائونسل پاڪستان ڪشمير جي قربانين کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿي ڇو ته ڪشميري خودمختياري جو حق حاصل ??رڻ جي لاءِ جدوجهد ڪري رهيا آهن. هن چيو ته سڄي پاڪستاني قوم ان جدوجهد ۾ انهن سان گڏ بيٺل آهي ۽ والاريل ڪشمير جي مظلوم عوام س??ن گڏ مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪري ٿي. تقريب کي علامه شاهنواز فاروقي، ??اري محمد مشتاق لاهوري ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.