??سل??م آباد – 01 – جولاءِ (اي پي پي) وزي??اع??م شهباز شريف چيو آهي ته اورينج لائين ميٽرو بس (فيض احمد فيض ٽرمينل ايڇ نائن کان ايئرپورٽ) جي ڀرپاسي لينڊ اسڪيپنگ مڪمل ڪري 7 ڏينهن ۾ رپورٽ ڏني وڃي، ميٽرو بس جي ڪراين کي گهٽ ڪري عوام جي سهولت لاءِ هڪ ٺوس نظام قائم ڪيو وڃي. بهاره ڪهو باءِ پاس تي به ڪم ترجيحي بنيادن تي شروع ڪيو وڃي، منصوبي ۾ شفاف طريقي سان بڊنگ يقيني بڻائي وڃي ۽ بهترين ڪمپنين کي منصوبي جي تعمير جو ڪانٽريڪٽ ڏنو وڃي، منصوبن جي تعمير جي معيار تي ڪنهن به قسم جو ٺاهه قابل قبول نه آهي. وزي??اع??م آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزي??اع??م شهباز شريف جي صدارت هيٺ ??سل??م آباد ميٽرو (اورينج لائين، بليو لائين، گرين لائين) تي اڳڀرائي ۽ ??سل??م آباد م جاري ترقياتي منصوبن تي جائزه اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ گهرو وزير راڻا ثناءُ الله، وزي??اع??م جي صلاحڪار احد چيما، طارق فضل چوڌري، حنيف عباسي، انجم عقيل خان، سي ڊي اي جو چيئرمين ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. وزي??اع??م هدايت ڪئي ته بهاره ڪهو ۾ ٽريفڪ جي مسئلن جي ڪري مقامي ماڻهن جي مشڪلاتن جو ادراڪ ضروري آهي. باءِ پاس تان مريءَ ويندڙ سياحن جي لاءِ به آساني پيدا ٿيندي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته 29 ڪلوميٽر ڊگهي اورينج لائين ميٽرو بس سروس کي اين ايڇ اي اسٽيشن بدران فيض احمد فيض اسٽيشن سان جوڙيو ويو آهي، جنهن سان رش جي وقتن ۾ مسافرن جي تعد??د وڌيڪ آهي. روزانو تقريبن 18 هزار تائين پهچي وئي آهي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته 20 ڪلوميٽر ڊگهي بليو لائين ميٽرو بس سروس (ڪورال کان پمز اسپتال) به افتتاح جي لاءِ تيار آهي، 13 اسٽيشنن تي ٻڌل اهو روٽ ??سل??م آباد ايڪسپريس وي جي ڀرپاسي مسافرن جي وڏي تعداد کي معياري ۽ گهٽ قيمت سفري سهولتون فراهم ڪندو. اجلاس کي 15.5 ڪلوميٽر ڊگهي گرين لائين ميٽرو بس سروس جي حوالي سان ٻڌايو ويو ته بهاره ڪهو کان پمز اسپتال ميٽرو بس بهاره ڪهو کان ايندڙ مسافرن ۽ ??سل??م آباد کان مريءَ ويندڙ سياحن کي سهولت فراهم ڪندي، ان کانسواءِ ايئرپورٽ کان اورينج لائين ذريعي ايندڙ سياح به مريءَ جي لاءِ ٽرانسپورٽ تائين پهچڻ جي لاءِ ان سهولت مان فائدو کڻي سگهندا. اجلاس کي بهاره ڪهو باءِ پاس منصوبي تي پيشرفت کان به آگاهه ڪيو ويو. وزي??اع??م منصوبي جي تعمير دوران ٻيلن جي تحفظ ۽ منصوبي ۾ شفافيت کي بڻائڻ جون هدايتون جاري ڪيون ويون. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته راول چوڪ فلائي اوور وزي??اع??م جي خصوصي هدايت ??ي 31 جولاءِ تائين مڪمل ڪيو ويندو، جڏهن ته ??سل??م آباد ايڪسپريس وي جي بحالي ۽ ان کي توسيع ڪرڻ جي منصوبي جو به آغاز جلد شروع ڪيو ويندو. وزي??اع??م منصوبن کي مقرر مدي اندر مڪمل ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون.