اسلام آباد – 15 – جون (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف پاران چين جي صدر شي جن پنگ جي سالگرهه تي کيس ڪيڪ ۽ گلن جو تحفو موڪليو ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف پاران ڪيڪ ۽ گلدستو اسلام آباد ۾ چيني سفارتخاني پهچايو ويو. اطلاعات واري وفاقي سيڪريٽري شاهيره شاهد ۽ ڊائريڪٽر جنرل ??يڪ??ٽرنل پبلسٽي ونگ عنبرين جان وزيراعظم پاران ڪيڪ ۽ گلدس??و چيني سفارتخاني جي عملد??رن جي حوالي ڪيو. چيني عملد??رن وزيراعظم پاران تحفن تي ٿورا مڃيا ۽ جوابي نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.