اسلام آباد – 23 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو ??رد??ري عالمي اقتصادي فورم جي ٽن ڏينهن واري اجلاس ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ سوئيٽزرلينڊ جي شهر ڊيووس روانو ٿي ويو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پار??ن جاري موجب پرڏيهي وزير کي اجلاس ۾ شرڪت جي دعوت عالمي اقتصادي فورم جي صدر ڏني آهي، پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر به پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو ??رد??ري سان گڏ آهي، پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو ??رد??ري 23 کان 26 مئي تائين ڊيووس ۾ فورم جي سالياني اجلاس ۾ شرڪت ڪندو، پرڏيهي وزير ۽ مملڪتي وزير ٻئي حاضر عالمي ۽ علائقائي مسئلن تي عالمي اقتصادي فورم جي ڪيترن ئي تقريبن ۾ شرڪت ڪندا. پرڏيهي وزير اڀرندڙ جاگرافيائي سياسي اڳڀرائي جي معاشي ۽ سماجي اثرن سان گڏوگڏ ڪورونا وبا، خوراڪ ۽ توانائي جي تحفظ ۽ موسمياتي تبديلي سبب پيدا ٿيندڙ چئلينجن جي باي ۾ پاڪست??ن ج?? موقف پيش ڪندا، بلاول ڀٽو ??رد??ري سالياني اجلاس ۾ شرڪت پنهنجي هم منصبن سان ملاقات ۽ ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه به ڪندو، ورلڊ اڪنامڪ فورم هر سال سياسي ۽ ڪاروباري اڳواڻن سان گڏوگڏ عالمي تنظيمن جي نم??ئن??ن، سول سوسائيٽي ۽ سڄي دنيا کان نوجوانن جي نم??ئن??گي کي گڏ ڪري ٿو ته جيئن معاشي، سماجي ۽ ماحولياتي چئلينجن تي ضابطو آڻن لاءِ راهن جي نشاندهي ڪري سگهجي.