اسلام آباد – 07 – مئي (اي پي پي) وزيرا??ظم شهباز شريف چيو آه?? ته پاڪستان ۽ يورپي يونين جي وچ ۾ اقتصادي، واپاري ۽ سيڙپڪاري جي ??ضب??ط لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي لاءِ موسمياتي تبديلي ۽ قانوني لڏپلاڻ سميت مختلف شعبن ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ ف??وغ ڏيڻ جي ضرورت آهي. وزيرا??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب يورپي يونين جي پاڪستان ۾ وفد جي ناظم الامور ٿامس سيلر وزيرا??ظم سان ملاقات ڪئي. ناظم الامور شهباز شريف کي وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏيندي يورپي ڪائونسل جي صدر ۽ يورپي يونين جي صدر پاران نيڪ خواهشون پهچايون. وزيرا??ظم ناظم الامور پاران مبارڪباد جي پيغام تي سندن ٿورا مڃيندي پاڪستان ۽ يورپي يونين ۽ ان جي ميمبر ملڪن جي وچ م لاڳاپن جي اهميت تي روشني وڌي. وزيرا??ظم پاڪستان ۽ يورپي يونين جي وچ ۾ اقتصادي، واپاري ۽ ??ضب??ط سيڙپڪاري لاڳاپا آهن، جن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي، ان سلسلي ۾ موسمياتي ۽ ليگل مائيگريشن سميت مخلف شعبن ۾ لاڳاپن کي مستحڪم بڻائڻ جي ضرورت آهي. وزيرا??ظم چيو ته ضرورت ان ڳالهه جي آه?? ته ٻنهي طرفن جي اعليٰ سطح جي وفدن جي باقاعدگي سان مٽاسٽا ٿئ?? ته جيئن خطي ۽ عالمي امن ۽ استحڪام سان لاڳاپيل معاملن جي ڏس ۾ ٻطرفو تعاون وڌيڪ گهرو ۽ گڏيل تعاون ۾ وڌيڪ اضافو ٿئي. يورپي يونين جي ناظم الامور يورپي يونين جي پاڪستان سان گڏيل تعاون کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. واضح ره?? ته پاڪستان ۽ يورپي يونين هلندڙ سال پنهنجي سفارتي لاڳاپن جي 60 هين سالگرهه ملهائي رهيا آهن. ان سلسلي ۾ اسلام آباد ۽ برسلز ۾ تقريبون منعقد ڪيون وڃن.