اسلام آباد – 03 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آه?? ته بي اعتمادي رٿ اسپيڪر پنهنجا اختيار استعمال ڪندي رد ڪري ڇڏي آهي جنهن کانپوءِ صدر کي قومي اسيمبلي تحليل ڪرڻ جي ايڊوائيس ڪري ڇڏي آهي، قوم نئين چونڊن جي تياري ڪري، اسان غيرملڪي ايجنڊا تي ڪروڙين رپين سان ضمير خريد ڪري حڪومت بدلائڻ جي سا??ش ۽ غداري ناڪام بڻ??ئي آهي، قوم کي گهٻرائڻو نه آهي، مستقبل جو فيصلو ڪري، اهو ??يصلو ڪنهن ٻاهرئين طاقت يا ڪرپٽ عنصرن کي ناهي ڪرڻو پر اهو ??يصلو پاڪستاني قوم کي ڪرڻو آه?? ته اها ڪنهن کي چونڊي ٿي، جيڪي ماڻهو اچڪن سبر??ئي ويٺل هئا انشاءَ الله انهن جا ڪروڙين رپيا ضايع ويندا. قوم کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته بي اعتمادي جي رٿ غيرملڪي ايجنڊا هئي، ان رٿ کي اسيمبلي مان رد ڪرڻ جي فيصلي تي پوري قوم کي مبارڪباد ڏيان ٿو، سڄي قوم ان صورتحال سان پريشان هئي، آئون قوم کي پيغام ڏيڻ چاهيان ٿو ته الله هن قوم تي پنهنجون رحمتون نازل فرمائي. 27 رمضان تي هي ملڪ وجود ۾ آيو ان جي خلاف ڪا سا??ش انشاءَ الله ڪامياب نه ٿيندي. ڊپٽي اسپيڪر پاران ڏنل رولنگ ک??نپوءِ مون صدر کي ايڊوائيس موڪلي ڇڏي آه?? ته هو اسيمبليون تحليل ڪري ڇڏي. اسان فيصلو ڪيو آه?? ته هڪ جمهوري معاشري ۾ اسان عوام وٽ وڃون ۽ اها فيصلو ڪر?? ته اها ڪنهن کي چاهي ٿ?? ته جيئن اڳتي ٻاهر جي سا??ش سان ڪرپٽ عنصر پئسن جي ٻورين سان ماڻهن جا ضمير خريد ڪري اهڙي قسم جي حرڪت نه ڪن. اهي ماڻهو جيڪي اچڪن سبر??ئي ويٺل هئا انهن جو اهو ??ئسو ضايع ٿي ويو آهي، آئون پئسا وٺندڙن کي چوان ٿو ته اهي اهو ??ئسو ڪنهن پناهگاهه تي لڳ??ئي ڇڏين. هن قوم کي چيو ته اها نئين چونڊن ۾ قوم جي مستقبل جو فيصلو ڪري. اهو ??يصلو ڪنهن ٻاهر جي طاقت يا ڪنهن ڪرپٽ عنصرن کي ناهي ڪرڻو. صدر وٽ ايڊوائيس وڃڻ کانپوءِ اسيمبليون تحليل ٿي وينديون ۽ نگران سيٽ اپ قائم ڪرڻ جو سلسلو شروع ٿي ويندو. هن چيو ته آئون الله جو شڪر ادا ڪريان ٿو ته قوم سان ڪئي ويندڙ ايتري وڏي سا??ش ناڪام ٿي آهي.