اسلام آباد – 23 فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف سنڌ جي پٺتي پيل ع??ائ??ن جي تعمير ۽ ترقي ۽ سنڌ جي عوام کي حقن جي فراه??ي لاءِ پنهنجي جدوجهد جاري رکڻ جي لاءِ پرعزم آهي. اها ڳالهه هن بين ال??وبائي رابطنو اري وفاقي وزير فهميده مرزا ۽ وزيراعظم جي سنڌ افيئرز بابت خاص معاون ڊاڪٽر ارباب غلام رحيم سان ڳالهائيندي چئي جن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات دوران سنڌ حق مارچ جي حوالي سان تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ڊاڪٽر ارباب غلام رحيم سنڌ حق مارچ جي انتظامن ۽ تيارين جي حوالي سان پاڪستان تحريڪ انصاف جي وائيس چيئرمين مخدوم شاهه محمود قريشي کي تفصيلي بريفنگ ڏني. پرڏيهي وزير سنڌ مارچ جي تيارين تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف سنڌ جي پيڙهيل عوام کي ڪنهن به صورت ۾ اڪيلو نه ڇڏيندي. هن چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف سنڌ جي پٺتي پيل ع??ائ??ن جي تعمير ۽ ترقي ۽ سنڌ جي عوام کي حقن جي فراه??ي لاءِ پنهنجي جدوجهد جاري رکڻ جي لاءِ پرعزم آهي.