اسلام آباد – 03 فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته اسان کي آبي وسيلن جي ح??الي سان درپيش چئلينجز کي منهن ڏيڻ ??اء?? علائقائي، جاگرافيائي، سياسي، اقتصادي ۽ ماحولياتي ڳالهين کي سامهون رکندي موثر قدم کڻڻا پوندا. هن اها ڳالهه آبي سفارتڪاري جي ح??الي سان ماهرن جي ورڪنگ گروپ جي پهرين اجلاس جي صدارت ڪندي چئي. انڊس واٽر ڪمشنر مهر علي شاهه، پاڻي معاملن جي ماهرن شرمين طارق، توانائي، پاڻي ۽ پائيداري پروگرام جي ريسرچ اينالسٽ فروا عامر ۽ پرڏيهي وزارت جي سينئر آفيسرن اجلاس ۾ شرڪت ڪئي، ورڪنگ گروپ جو اجلاس آبي سفارتڪاري بابت چئلينجز ۽ انهن کي منهن ڏيڻ ??اء?? موثر لائحه عمل جوڙڻ جي ح??الي سان غور ويچار ??اء?? منعقد ڪ??و ويو. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان جو شمار انهن ملڪن ۾ ٿئي ٿو جيڪي پاڻي جي شديد کوٽ جو شڪار آهن، زرعي ملڪ هجڻ ??ي ناطي اسان جي زرعي معيشت ??اء?? پاڻي وسيلن جي دستيابي انتهائي اهميت واري آهي، شاهه محمود قريشي چيو ته اسان کي آبي وسيلن جي ح??الي سان درپيش چئلينجز کي منهن ڏيڻ ??اء?? علائقائي، جاگرافيائي، سياسي، اقتصادي ۽ ماحولياتي ڳالهين کي نظر ۾ رکندي موثر قدم کڻڻا پوندا.