اسلام آباد – 21 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد ??سين چيو آهي ته پاناما، پن??ورا ۽ هاڻي سوئس اڪائونٽس مان اها ئي ڪهاڻي سامهون آئي ته اڳ ۾ پئسا چوري ڪريو، پوءِ ملڪ کان ٻاهر موڪلي ڇڏيو، ڪرپشن ۽ مني لانڊرنگ پاڪستان جهڙن ملڪ جو اهم ترين مسئلو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته وزيراعظم عمر??ن خان ان مسئلي تي مسلسل آواز اٿاري رهيو آهي ته امير ملڪ غريب ملڪن جي ان استحصال کي روڪين. هن چيو ته مني لانڊرنگ ڪندڙ سڀ ??ڏ ٿي هاڻي اتحاد ??ڻائي رهيا آهن.