اسلام آباد – 13 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته حڪومتي ميمبر ۽ اتحادي گڏجي اڄ اهو ضمني بل ??نظور ڪرائيندا، مخالف ڌر کي ناڪامي ٿيندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پارلياماني پارٽي جي اج??اس کانپوءِ ميڊيا سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه دوران ڪيو. هن چيو ته مخال ڌر چئي رهي هئي ته اسان ضمني فنانس بل ??نظور نه ڪرائڻ ڏينداسين، اڄ مخالف ڌر کي ڀرپور ناڪامي ٿيندي. هن چيو ته سڄي قوم اڄ واري مخالف ڌر کي روئندو ڏسندي. اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته ضمني فنا??س بل سان عام ماڻهو تي ڪو به اثر نه پوندو، عام ماڻهن کي متاثر ڪندڙ شين تي ٽيڪس جي معاملي تي نظرثاني ڪئي وئي آهي. مملڪتي وزير چيو ته ضمني فنانس بل ??عيشت کي دستاويزي شڪل ڏيڻ ۾ مدد ڏي??دو. فرخ حبيب چيو ته شهباز شريف تياري ڪري وٺي، هاڻي ان کي حساب ڏيڻو پو??دو. شريف فيملي جا ڪجهه ماڻهو فرار ٿيا آهن ۽ ڪجهه عدالتن ۾ تاريخن جي پويان لڪي رهيا آهن.