اسلام آباد – 09 جنوري (اي پي پي) وفاق?? گهرو وزير شيخ رشيد احمد چيو آهي ته سياحن جي لاءِ اسلام آباد رستي مريءَ ۽ گليات وڃڻ جي لاءِ پابندي وڌيڪ 24 ڪلاڪ برقرار رهندي، مريءَ ۽ ڀرپاسي علائقن جي رهواسين کي رڳو سڃاڻپ ڪارڊ ڏيکاري گذرڻ جي ??جا??ت ڏني ويندي. ??تي جاري بيان ۾ وفاق?? گهرو وزير شيخ رشيد احمد چيو ته مريءَ ۽ گليات جي صورتحال جو مسلسل جائزو وٺي رهيا آهيون، سياحن جي لاءِ مريءَ ۽ گليات وڃڻ جي ??جا??ت ڏيڻ جو فيصلو صورتحال ڏسي ڪيو ويندو.