اسلام آباد – 12 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ساحلي سياحت جي فروغ لاءِ قدمن کي تيز ڪر?? ۽ ان سان گڏوگڏ ماحولياتي تحفظ کي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم عمران خان سان بحري معاملن واري وفاقي وزير سيد علي حيدر زيدي ۽ آمريڪن بزنس ڪائونسل پاڪستان جي ايگزيڪيٽو ميمبر عدنان اسد ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ عدنان اسد وزيراعظم کي بزنس ڪائونسل جي ميمبرن ۽ سيڙپ??ار?? جي موجوده حڪومت ??ي ڪاروبار دوست پاليسين جي نتيجي ۾ وڌندڙ اعتماد جي باري ۾ آگاهه ڪيو، پاڪستان جي سياحت جي شعبي ۾ آمريڪي ڪمپنين جي سيڙپ??ار?? ۾ دلچسپي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وفاقي وزير سيد علي حيدر زيدي وزيراعظم کي ساحلي سياحت جي موجوده صلاحيت ۽ وزارت جي ان جي فروغ لاءِ کنيل قدمن ک??ن به آگاهه ڪيو. وزيراعظم ساحلي سياحت کي فروغ لاءِ کنيل قدم تيز ڪر?? ۽ ان سان گڏوگڏ ماحولياتي تحفظ کي يقيني بڻائڻ جون هدايتون جاري ڪيون.