اسلام آباد – 06 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته راوي اربن ڊولپمينٽ اٿارٽي (آر يو ڊي اي)، سينٽرل بزنس ڊسٽرڪٽ (سي بي ڊي)، والٽن ۽ ناله لئي ايڪسپريس وي ج??ڙن جديد ريئل اسٽيٽ منصوبن جي ذريعي شهرن جي ترقي حڪومت جون اولين ترجيحون آهن جنهن جي ج??د کان جلد تڪميل لاءِ تيزي سان ڪم ڪيو و??ي. ??هڙن خيالن جو اظهار هن آر يو ڊي اي ۽ سي بي ڊي تي هڪ جائزي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته اهو ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ٿيو آهي ته انهن جديد منصوبن جي ذريعي غير استعمال ٿيل سرڪاري زمين جي صورت ۾ پيل مئل سرمائي کي قيمتي اثاثي ۾ تبديل ڪيو پيو وڃي، اهي منصوبا نه رڳو صرف روزگار جا موقعا پيدا ڪندا پر وڌندڙ شهري آبادي ج?? ضرورتن کي به پورو ڪندا. ان کان اڳ وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته سي بي ڊي لاهور ڊائون ٽائون ۾ 7 مڪس يوز ڪمرشل پلاٽن جي نيلامي ج?? ذريعي آمدني پيدا ڪرڻ جو منصوبو بڻايو آهي، ان کانسواءِ برج الجناح جي تعمير، پاڪستان جي بلند ترين عمارت، باب ??اڪستان ۾ ٻه پريميم رهائشي ٽاورز ۽ 500 بسترن جي اسپتال جي تعمير، سي بي ڊي اسڪوائر ۽ والٽن روڊ فلائي اوور جي تعمير ۽ والٽن هوائي اڏي ج?? تاريخي حيثيت برقرار رکڻ جي لاءِ ڪلاسڪ ايوي ايشن ميوزيم جي تعمير به سي بي ڊي ج?? هدفن ۾ شامل آهي. درياءِ راوي واٽر فرنٽ جي ترقي، انڊسٽريل اسٽيٽ جو قيام، سفائر ٻيٽ ۽ راوي چهار باغ سوسائٽي تي ترقياتي ڪم تيزي سان جاري آهن. وزيراعظم کي اهو به ٻڌايو ويو ته انهن تاريخي منصوبن ۾ مقامي ۽ غير ملڪي سيڙپڪاري ج?? ذريعي وڌ کان وڌ روينيو حاصل ڪرڻ لاءِ ميڊيا ??ي ذريعي هڪ موثر آگاهي مهم شروع ڪئي وئي آهي. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي ه??ايت ڪئي ته سمورين قانوني رڪاوٽن کي ج??د کان جلد ختم ڪيو وڃي ته جيئن وڌ کان وڌ سيڙپڪارن کي متوجهه ڪري سگهجي.