اسلام آباد – 28 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته نواز شريف پ??ڻ واپس نٿو اچي، کيس اسان واپس آڻينداسين، مخالف ڌر ۾ ڏهاڙيدار سياستدان پنهنجي ڏهاڙي لڳائيندا آهن، مولانا فضل الرحمان ٽن سالن کان تاريخون ڏئي رهيو آهي، پي ٽي آءِ جي حڪومت جي پهرين ئي سال مولانا فضل الرحمان ڪاٺ ڪٻاڙ کڻي اسلام آباد اچي ويو هو، حڪومت ڪيرائڻ سندس وس جي ڳالهه نه آهي، ان لاءِ ليڊرشپ جي ضرورت هوندي آهي جيڪا وٽس نه آهي، راڻا شميم جي حلفي بيان کانپوءِ معلوم ٿ??و ته نواز شريف اينڊ ڪمپني ڪيترو وڏو سيسيلين مافيا آهي، اهي عدالتن تي دٻاءُ وجهي ڪيسن کي پنهنجي حق ۾ ڪرائڻ چاهيندا آهن، وفاقي ڪابينا قومي سلامتي جي پاليسي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ پهريون ڀيرو اسان هڪ اهم سنگ ميل عبور ڪيو آهي، نيشنل سيڪيورٽي پاليسي سان گڏ انٽرنل پاليسي ۽ فوڊ سيڪيورتي پاليسي سميت ٻين وزارتن جون پاليسيون به جڙيل آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي ڪيو. ان موقعي تي قومي سلامتي وارو صلاحڪار ڊاڪٽر معيد يوسف به ساڻس گڏ موجود هو. وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چ??و ته پهريون ڀيرو قومي سلامتي جي پاليسي ۾ جيو اسٽريٽجڪ پاليسي سان گڏ اڪنامڪ اسٽريٽجي کي به ڳنڍيو ويو آهي، جيڪڏهن م??يش?? طاقتور ناهي ته سلامتي جي گارنٽي نٿي ٿي سگهي، جيستائين عام ماڻهو معاشي، سماجي ۽ قانوني طور تي مطئمن نه هوندو، ملڪ جي سيڪيورٽي کي خطرو لاحق رهندو. هن چ??و ته قومي سلامتي پاليسي ۾ عام ماڻهو تي فوڪس ڪيو ويو آهي. 2014ع ۾ ان پاليسي تي ڪم شروع ٿيو هو، 2021ع ۾ ان پاليسي جي منظوري ٿي، پاليسي جي منظوري ۾ تقريبن 9 سال لڳا، 18 مختلف وزارتن جو ان پٽ ان ۾ شامل آهي. هن چ??و ته ماضي ۾ نيشنل سيڪيورٽي پاليسي جي موقف تي اتفاق نه هو، پهريون ڀيرو هڪ اهڙي حڪومت اقتدار ۾ آهي جيڪا سمورن راين کي گڏ ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿي، وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ پهريون ڀيرو اسان هڪ اهم سنگ ميل عبور ڪيو آهي، نيشنل سيڪيورٽي پاليسي سان گڏ انٽرنل پاليسي ۽ فوڊ سيڪيورٽي پاليسي سميت ٻين وزارتن جون پاليسيون به ڳنڍيل آهن. چوڌري فواد حسين چ??و ته ڪابينا کي يوريا جي پيداوار تي به بريفنگ ڏني وئي، هن وقت پاڪستان ۾ زرعي شعبو حڪومت جي اهم ترجيح آهي، گذريل ٻن سالن ۾ زرعي پيداوار ۾ بي پناهه ڪاميابيون مليون آهن. اسان جي ڪپهه، ڪمند، چانور ۽ مڪئي جي فصلن جي پيداوار ۾ بهتري آئي آهي، ڪڻڪ، چانور ۽ ڪمند جي تاريخي پيداوار ٿي آهي، 1100 ارب روپيا اضافي زرعي شعبي ۾ ويا، رورل سيڪٽر ۾ ٽريڪٽرن، موٽر سائيڪلن، زرعي دوائن جي خريداري ۾ اضافو ٿيو، هن چ??و ته عالمي منڊي ۾ ڊي اي پي جي قيمت تقريبن 12 هزار روپيا ٿي وئي آهي، ڊي اي پي پاڪستان نٿو ٺاهي، 70 سيڪڙو ڊي اي پي درآمد ڪئي ويندي آهي، هن چ??و ته گئس جي بحران جي باوجود اسان يوريا پلانٽس کي گئس فراهم ڪئي، هن سال پاڪستان ۾ يوريا جي تاريخي پيداوار ٿي، عالمي منڊي ۾ يوريا جي قيمت 10500 روپين جي لڳ ڀڳ آهي، پاڪستان ۾ يوريا جي قيمت 1700 روپين کان 1900 روپين جي وچ ۾ آهي، هن چ??و ته عالمي منڊي ۾ وڌندڙ قيمتن جي ڪري پاڪستان ۾ يوريا جي کوٽ ڪيترن ئي جاين تي محسوس ٿي، اسان وٽ يوريا جو وڏو ذخيرو موجود آهي، قيمتون به مستحڪم آهن، پيداوار به ٺيڪ آهي پر ڪجهه جاين تي ذخيرو اندوزي ۽ اسمگلنگ جون شڪايتون سامهون آيون آهن، هن چ??و ته جيڪڏهن هڪ ٽرڪ يوريا اسمگل ٿئي ته تقريبن 80 لک روپين تائين ڪمائي سگهجن ٿا، هن چ??و ته ڪابينا پنجاب حڪومت کي چيو آهي ته يوريا جي ذخيرو اندزوي ۽ اسمگلنگ تي ڀرپور ڪارروائي ڪري، يوريا جي هٿرادو کوٽ تي ضابطو آندو ويندو. 48 ڪلاڪن ۾ واضح بهتري اچي ويندي. چوڌري فواد حسين چ??و ته ڪابينا پارليامينٽ ميمبرن جي 2019ع جي ٽيڪس ڊائريڪٽري شايع ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي، پاڪستان ۾ صرف سياستدان ئي آهن جنهن جا ٽيڪسز عوام جي سامهون آيا آهن، باقي ڪنهن شعبي ۾ ايتري اڪائونٽيبلٽي نه آهي جيتري سياستدانن لاءِ آهي. هن چ??و ته عمران خان هڪ اهڙي حڪومت قائم ڪئي جنهن جو بنياد شفافيت تي ٻڌل آهي، چوڌري فواد حسين چ??و ته سياستدانن ۽ سندس خاندانن جا اثاثا اسان جي سامهون آهن، نئين ڊائريڪٽري جي نتيجي ۾ ٽيڪس جون ادائيگيون به سامهون اچي وينديون. وفاقي وزير چ??و ته ناڻي واري وزارت جي سفارش تي هائوس بلڊنگ فنانس ڪپني لميٽيڊ جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز جي منظوري ڏني وئي آهي، شهزاد نقوي، فائزه ڪپاڊيه، ياسمين لاري، عدنان علي ۽ عمران احد هائوس بلڊنگ فنانس ڪمپني لميٽيڊ جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز ۾ شامل هوندا، هن وڌيڪ ٻڌا??و ته ڪابينا سيڪيورٽيز اينڊ ايڪسچينج ڪميشن جي موجوده چيئرمين مسعود نقوي جي استعيفا منظور ڪندي محمود مانڊوي والا کي بورڊ جي ميمبر ۽ چيئرمين طور مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني. ناڻي واري وزارت جي سفارش تي ڪابينا مانيٽري اينڊ فسڪل پاليسيز ڪوآرڊينيشن بورڊ تي مشهور اقتصادي ماهر ڊاڪٽر اعجاز نبي کي نامزد ڪرڻ جي منظوري ڏني، وفاقي وزير چ??و ته ملڪ ۾ سمورن تعليمي بورڊن جي نگراني ۾ امتحانن جي معيار کي هڪجهڙو بڻائڻ، تعليمي دستاويزن جي تصديق ۽ بورڊ جي وچ ۾ رابطن ۽ تعاون کي وڌائڻ لاءِ ڪابينا انٽر بورڊ ڪوآرڊينيشن ڪميشن ايڪٽ 2021ع جي مسودي جي اصولي منظوري ڏني، هن چ??و ته ڪابينا اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جي سفارش تي محمد عاصم کي پيمرا جي ايگزيڪيٽو ميمبر طور مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني آهي، هن چ??و ته ڪابينا سٽيزن ڪلب بلڊنگ ايف نائن پارڪ اسلام آباد کي گنڌارا هيريٽيج اينڊ ڪلچرل سينٽر ۾ قائم ڪرڻ جي لاءِ مينيجمينٽ ڪميٽي جي جوڙجڪ جي منظوري ڏني، ڪميٽي جي نگراني وزيراعظم ڪندو ۽ مينيجمينٽ ڪميٽي ۾ تعليم وارو وفاقي وزير، گهرو وزارت جو سيڪريٽري، سي ڊي اي چيئرمين، اسلام آباد جو چيف ڪمشنر ۽ ثقافت جي شعبي سان جڙيل مشهور شخصيتون شامل هونديون، هن چ??و ته ڪابينا نازيه شاهين ۽ شبر عباس جي خلاف ايڪسٽريڊيشن جي ڪارروائي شروع ڪرڻ جي منطوري ڏني، ٻنهي جوابدارن جي تحويل لاءِ اٽلي جي حڪومت مطالبو ڪيو هو ته جيئن انهن جي خلاف قتل ڪيس جي ڪارروائي ڪري سگهجي. اهڙي طرح ڪابينا محمد عثمان جي خلاف ايڪسٽريڊيشن جي ڪارروائي شروع ڪرڻ جي به منظوري ڏني، محمد عثمان جي تحويل لاءِ متحده عرب امارات مطالبو ڪيو هو ته جيئن ان جي خلاف قتل ڪيس جي ڪارروائي ڪري سگهجي، ڪابينا لاهور هاءِ ڪورٽ جي سفارش تي بئنڪنگ ڪورٽ نمبر 1 کي ملتان کان ڊيره غازي خان منتقل ڪرڻ جي منظوري ڏني ته جئين ڊيره غازي خان ڊويزن ۾ بئنڪاري بابت التوا ۾ پيل ڪيسز جلد اڪلائي سگهجن، هن چ??و ته ڪابينا گوادر ۾ 1.2 ملين گيلن روزاني سيلينيشن پلانٽ لڳائڻ جي لاءِ معاهدي جي ايڪس پوسٽ فيڪٽو منظوري ڏني آهي، هن چ??و ته اهو منصوبو سي پيڪ تحت 2.2 ارب روپين جي لاڳت سان مڪمل ڪيو ويندو، ان منصوبي سان گوادر جي رهواسين جي لاءِ صاف پاڻي جي سهولت مهيا ٿي سگهندي، هن چ??و ته گوادر ۾ تازي احتجاج جي موقعي تي اسان جي وفاقي وزيرن اسد عمر ۽ زبيده جلال صاف پاڻي جو منصوبو ڏيڻ جو واعدو ڪيو هو، هاڻي اهو واعدو پورو ٿيڻ وڃي رهيو آهي، اطلاعات واري وفاقي وزير چ??و ته ڪابينا ڊاڪٽر شائسته ذيشان کي چئن سالن جي مدي لاءِ نيشنل ميڊيڪل اٿارٽي پاڪستان ميڊيڪل ڪميشن جي ايگزيڪيٽو ميمبر مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني آهي، ڪابينا ڊرگز ريگوليٽري اٿارٽي جي سفارش تي ٽن دوائن جي فارموليشن ۾ تبديلي ڪرڻ جي اجازت ڏني تنهن هوندي به انهن دوائن جي وڪري جي قيمت ۾ ڪا به تبديلي نه هوندي، هن چ??و ته ڪابينا اين ڊي ايم اي جي سفارش تي ڪيوبا جي لاءِ ڪورنا وبا جي ڪري 23.3 ملين روپين جي ماليت جُون امدادي شيون موڪلڻ جي منظوري ڏني آهي، جنهن ۾ 10 هزار اين 95 ماسڪ، 50 هزار فيس ماسڪ، 10 هزار ??فا??تي سوٽ، 10 هزار ??فا??تي گائون شامل آهن. هن چ??و ته جڏهن پاڪستان ۾ ڪووڊ جو پهريون ڪيس آ??و ته هن وقت اسان اهي شيون درآمد ڪري رهيا آهيون، اڄ مون کي خوشي آهي ته سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزارت ۾ جيڪي منصوبا شروع ڪيا، انهن جي ڪري اڄ پاڪستان دنيا ۾ ڪووڊ مٽيريل فراهم ڪندڙ وڏو برآمدي ملڪ بڻجي ويو آهي. وفاقي وزير چ??و ته ڪابينا منصوبابندي واري وزارت جي سفارش تي پاڪستان پلاننگ اينڊ مينيجمينٽ انسٽيٽيوٽ بل 2021ع جو مسودو قانون واري ڪميٽي جي سامهون پيش ڪرڻ جي منظوري ڏني، ان قانون سان پي پي ايم آءِ کي خودمختيار حيثيت حاصل هوندي، هن چ??و ته ڪابينا ڪميٽي اداره جاتي سڌارن جي پهرين ڊسمبر 2021ع تي منعقد اجلاس ۾ ڪيل فيصلن جي توثيق ڪئي، وزارتن کي حق ڏنو و??و ته اهو خالي جاين تي ڇهه مهينن لاءِ عارضي طور تي ڀرتيون ڪري سگهنديون. اطلاعات واري وفاقي وزير چ??و ته ڪابينا قانون بابت ڪميٽي هي 16 ۽ 17 ڊسمبر 2021ع کي منعقده اجلاسن ۾ ڪيل فيصلن جي توثيق ڪئي جنهن ۾ قائداعظم فائونڊيشن ايڪٽ 2021ع جو مسودو، پاڪستان اسپورٽس بورڊ 2021ع جي جوڙجڪ، سيڪيورٽيز اينڊ فيوچرز مارڪيٽ بل 2021ع جي منظوري، پاسپورٽ رولز 2021ع جو مسودو، ٽرانسفر آف ريزيڊوئل (Residual) آئل ريگوليٽري فنڪشنز ٽو اوگرا، اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان (ترميمي) بل 2021ع شامل آهن، هن ٻڌا??و ته ڪابينا گهرو وزارت جي سفارش تي پاڪستان ۽ برطانيه جي وچ ۾ ريٽرنز اينڊ ري ايڊميشن ٻطرفي معاهدو صحيح ڪرڻ جي منظوري ملتوي ڪري ڇڏي آهي، معاهدي جو ٻيهر جائزو وٺڻ لاءِ پرڏيهي وزير، گهرو وزير، انساني حقن واري وزير، احتساب واري خاص مددگار تي مشتمل ڪميٽي قائم ڪرڻ جي هدايت ڪئي، ان موقعي تي صحافين جي سوالن جا جواب ڏيندي وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چ??و ته مولانا فضل الرحمان ٽن سالن کان تاريخون ڏئي رهيو آهي، پي ٽي آءِ جڏهن اقتدار سنڀال??و ته پهرين سال ئي مولانا فضل الرحمان ڪاٺ ڪٻاڙ کڻي اسلام آباد اچي ويو هو، سندس خيال هو ته اسان حڪومت اونڌي ڪري ڇڏينداسين، هر ٽن مهينن کانپوءِ اهي نئين تاريخ ڏيندا آيا آهن، ميڊيا کي انهن ٽن سالن جا بيان سامهون آڻڻ گهرجن، هن چ??و ته حڪومت ڪيرائڻ ان جي وس جي ڳالهه نه آهي، ان لاءِ ليڊرشپ جي ضرورت هوندي آهي جيڪا ان وٽ نه آهي، اهي پنهنجي ڪارڪنن کي صرف چورن وڪرو ڪري رهيا آهن، وفاقي وزير چ??و ته سڀ ڄاڻن ٿا ته مخالف ڌر ۾ هوندي عمران خان کيس لوهه جا چڻا چٻرايا هئا، هن چ??و ته مخالف ڌر ۾ ڏهاڙيدار سياستدان آهن اهي پنهنجي ڏهاڙيدار لڳائيندا آهن، هڪ ٻي سوال تي هن چ??و ته راڻا شميم جي حلفي بيان کانپوءِ معلوم ٿ??و ته نواز شريف اينڊ ڪمپني ڪيترو وڏو سيسيلين مافيا آهي، اهي عدالتن تي دٻاءُ وجهي ڪيسن جو پنهنجي حق ۾ فيصلو ڪرائڻ چاهين ٿا، چوڌري فواد حسين چ??و ته نواز شريف پ??ڻ واپس نه اچي رهيو آهي، کيس اسان واپس آڻينداسين، برطانيه سان ان حوالي سان ڪافي حد تائين معاملا طئي ٿي چڪا آهن، نواز شريف جي واپسي جي باري ۾ اياز صادق جي بيان سان جاتي امرا وارن جي دل بيهجي وئي آهي، هڪ ٻي سوال تي هن چ??و ته پارليامينٽ ۾ مني بجيٽ نه اسان جو ايڊجسٽمينٽس جي حوالي سان بل پيش ڪيو پيو وڃي، اهو بل انهي سيشن ۾ پاس ٿي ويندو، ڪابينا ۾ ان تي شروعاتي بحث ٿيو آهي، هن چ??و ته نواز شريف ۽ زرداري جيڪو ڪجهه پاڪستان سان ڪري ويا آهن، ان جي نتيجي ۾ اڄ اسان کي معاشي مشڪلاتون درپيش آهن، مخالف ڌر ان تي ڳالهيون ڪرڻ بدران ان جو متبادل سامهون کڻي اچي.