ڪوٽڙي – 11 نومبر (اي پي پي) صدر مملڪت ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته موجوده حڪومت واپاري برادري کي سهولتون فراهم ڪرڻ جي حوالي سان انيڪ قدم کنيا آهن ۽ انهن قدمن سان ملڪ اندر واپار ڏينهون ڏينهن ترقي ڪري رهيو آهي، ڪورونا جي صورتحال ۾ وزيراعظم عمران خان جي مڪمل لاڪ ڊائون نه ڪرڻ سان ملڪ وڏي معاشي تباهي کان بچي ويو، ان قدم کي دنيا اندر ساراهيو ويو ۽ دنيا ۾ پڻ انهن قدمن جيان عمل ڪيو ويو. اهڙو اظهار هن ڄامشورو چيمبر آف ڪامرس اينڊسٽري پاران ڏنل آجياڻي واري تقريب ۾ خطاب ڪندي ڪيو. صدر مملڪت چيو ته وزيراعظم عمران خان دنيا جو پهريون وزيراعظم هو جنهن مڪمل لاڪ ڊائون جي مخالفت ڪندي ان کان پاسو ڪيو جنهن جا هاڪاري نتيجا نڪتا ۽ پاڪستان هڪ وڏي معاشي بحران کان بچي ويو جنهن جو اعتراف سموري دنيا پڻ ڪيو وزيراعظم جو چوڻ هو ته ??يڪڏهن مڪمل لاڪ ڊائون ڪيو ويو ته ملڪ ۾ بيروزگاري وڌي ويندي، هن چيو ته واپاري برادري ملڪ جي ڪرنگهي جي هڏي واري حيثيت رک?? ٿي، موجوده حڪومت واپاري برادري کي سموريون سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي. هن چيو ته موجوده دور جديد انفارميشن ٽيڪنالاجي جو دور آهي ۽ ملڪ ۾ ٻين انڊسٽريز س??ن گڏ انفارميشن ٽيڪنالاجي واري شعبي تي پڻ ڌيان ڏنو پيو وڃي. ان حوالي سان واپاري برادري ۽ انڊسٽري مالڪ پڻ ان شعبي ڏانهن ڌيان ڏين. حڪومتي قدمن سبب ان شعبي کي هٿي ملي رهي آهي ۽ ڪجهه سالن اندر اها ملڪ جي سڀ کان وڏي انڊسٽري طور سامهون ايندي اسان سڀني کي چئون ٿا ته ??ءِ ٽي انجنيئر پيدا ڪريو جڏهن ته ??سان ان حوالي سان هر مهيني لاڳاپيل کاتن س??ن گڏجاڻيون پڻ منعقد ڪري رهيا آهيون اوهان پڻ ٻئي بزنس س??ن گڏ آءِ ٽي جي ميدان اڳيان اچو ۽ ان حوالي سان اسٽڊي گروپ سميت سمورا وسيلا ڪتب آڻيو، دنيا ۾ آءِ ٽي انجنيئر جي وڏي ضرورت آهي ۽ ان شعبي جو معيار آهي ان ڏانهن ترجيحي بنيادن تي ڌيان ڏنو وڃي. هن چيو ته مهانگائي هڪ آزمائش آهي دنيا ۾ تيل سميت ٻين شين جي اگهن ۾ واڌ جي ڪري پاڪستان پڻ ان آزمائش م??ن گذري رهيو آهي، صدر مملڪت چيو ته ملڪ ۾ سياحت کي هٿي وٺرائي پئي وڃي ۽ هاڻ پاڪستان هڪ بهترين سياحتي ملڪن ۾ شامل ٿي ويو آهي. هن چيو ته ملڪن جي ترقي، پيداوار ۽ جي ڊي پي ۾ سمال انڊسٽريز جو اه?? ڪردار آهي ۽ ان حوالي سان حڪومت ننڍا ننڍا قرض فراهم ڪري رهي آهي ۽ ڪامياب نوجوان پروگرام سميت ٻيا اهڙا پروگرام ڪاميابي سان جاري آهن اوهان نوجوانن ۽ عورتن ۾ شعور پيدا ڪريو ته ??هي گهريلو ۽ ننڍين صنعتن جي حوالي سان ان مان فائدو حاصل ڪن. هن چيو ته ڪيترائي اهڙا شعبا آهن جن کي اسان وساري ويٺا آهيون اسان کي انهن تي به ڌيان ڏيڻو پوندو هن واپاري برادري ڏانهن مخاطب ٿيندي چيو ته پنهنجين فيڪٽرين ۾ ٻين س??ن گڏ ڪنهن به معذري جي ور چڙهيل معاشري جي مخصوص ماڻهن کي به روزگار فراهم ڪيو وڃي ته ??يئن اه?? به معاشري جا ڪارآمد شهري ثابت ٿي پنهنجي ڪٽنبن جو پيٽ پالي سگهن. صدر مملڪت چيو ته موجوده حڪومت واپارين کي مڪمل سهولتون فراهم ڪري رهي آهي ۽ بجيٽ کان هڪ ڏينهن اڳ ايمازون جي 50 ساٿري گروپن س??ن گڏجاڻي پڻ ڪئي وئي، هن چيو ته ??نيا اندر پاڪستان برانڊ پيدا ڪريو جنهن جي دنيا ۾ ضرورت آهي ۽ اه?? اهڙو ته معياري هجي جو دنيا ان جي واکاڻ ڪرڻ کان رهي نه سگهي. هن چيو ته ??يزي گوئنگ ايڪسپورٽ بزنس جي ضرورت آهي جتي به ضرورت پئي ته ??سين اوهان س??ن گڏ هونداسين. هن چيو ته ٽيڪس جي حوالي سان ملڪ 70 سالن کان پريشان آهي واپاري برادري چوي ٿي ته ??سين ٽيڪس ڏيون ٿا پر جڏهن ٽجوڙي ڏسون ٿا ته ??الي آهي هن واپاري برادري کي چيو ته ??نڌ جو گورنر پڻ واپاري گهراڻي سان تعلق رک?? ٿو ۽ ان جا دروازا اوهان لاءِ کليل آهن اوهان ان سان رابطي ۾ رهو. هن چيو ته ??سان خوشحال ملڪ جا رهواسي آهيون جيڪي خيرات ۾ هڙان وڙان ڏيون ڇڏيون جڏهن ته پاڙيسري ملڪ ڀارت ۾ انساني مدد واري ڪيفيت ئي ناهي. هن واپاري برادري کي چيو ته ??سين اوهان جي مدد ڪنداسين اوهان اسان جي مدد ڪجو. ان موقعي تي صدر مملڪت ڄامشورو چيمبر آف ڪامرس اينڊسٽري جي عهديدارن جي مطالبي تي کين فائر ٽينڊر ڏيڻ جو پڻ اعلان ڪيو. تقريب کي خطاب ڪندي سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل چيو ته پي ٽي آءِ جي حڪومت هميشه واپاري برادري جي سپورٽ ڪئي آهي ملڪي ترقي جو دارو مدار پيداوار تي آهي ڪورونا جي صورتحال دوران جيترو اه?? شعبو متاثر ٿيو اوترو گذريل 30 سالن ۾ نه ٿيو جڏهن ته ??ن س??ن گڏو گڏ سمورا شعبا پڻ تمام گهڻا متاثر ٿيا پر حڪومت جي بهتر پاليسين سبب اسين بچاءُ ۾ رهياسين، هن چيو ته ??يندڙ بجيٽ ۾ ڪوشش هوندي ته ??وهان کي اڃا به وڌ رليف ڏنو وڃي. هن چيو ته ڏکين حالتن سبب آءِ ايم ايف وٽ وڃڻو پيو ۽ انهن سخت شرطن تي پڻ عمل ڪرڻو پئجي رهيو آهي. هن چيو ته ??سان جي ڀرپور ڪوشش آهي ته ??يف اي ٽي ايف واري معاملي تي پاڪستان کي گري لسٽ مان ڪڍايو وڃي، هن چيو ته ??در پاڪستان جي هداي??ن تي فائر ٽينڊر جي حوالي سان ڳالهيون طئه ڪري وٺنداسين ۽ ايم نائن جي حوالي سان اوهان جي نيشنل هاءِ وي اٿارٽيز سان هڪ گڏجاڻي رکرايون ٿا. هن چيو ته ??کر حيدرآباد موٽر وي تي تمام جلد ڪم شروع ٿيڻ واري آهي، ان موقعي تي ڄامشورو چيمبر آف ڪامرس اينڊسٽري جي صدر خليل احمد بلوچ، پيٽرن ان چيف ميان توقير طارق ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو جڏهن ته ??ن موقعي تي سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جو اڳواڻ حليم عادل شيخ، پير زمان شاه جيلاني، ميان سمير الدين، فرخ جميل، قمر ضياءُ الرحمان ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.