اسلام آباد – 22 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته پنجاب جي هر خاندان کي صحت ڪ??رڊ جي ذريعي 10 لک روپين تائين جو علاج ڪرائڻ جي سهولت حاصل هوندي، صحت، تعليم ۽ چئن بنيادي ضروري ??ين اٽي، کنڊ، دال ۽ گيهه تي وڏو رلي?? آڻي رهيا آهيون، بنيادي سياسي سڌارن کانسواءِ ملڪ اڳ??ي نٿو وڃي سگهي.
اها ڳالهه هن پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ چئي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته خيبرپختونخوا کانپوءِ هاڻي پنجاب جو هر خاندان هر سال 10 لک روپين تائين صحت ڪ??رڊ جي ذريعي حاصل ڪري سگهندو، ان گيم چينجر پروگرام جي ذريعي هاڻي معياري علاج غريبن کان ويندي وچولي طبقي تائين جي هر ماڻهو کي ميسر هوندو. چوڌري فواد حسين چيو ت?? صحت، تعليم ۽ چار بنيادي ضروري ??ين اٽي، کنڊ، دال ۽ گيهه تي وڏو رلي?? آڻي رهيا آهيون، هن چيو ت?? صحت ڪ??رڊ پروگرام پنجاب ۾ انشاءُ الله ڊسمبر کان شروع ٿيندو ۽ مارچ تائين پوري پنجاب ۾ صحت ڪارڊز ملي ويندا. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ت?? صحت ڪ??رڊ عوام پنهنجي مرضي جي ڪنهن به ڊاڪٽر يا اسپتال ۾ استعمال ڪري سگهندا. سرڪاري ئي نه پر نجي ڊاڪٽر ۽ اسپتالُون به هاڻي عوام جي علاج لاءِ بنا معاوضي ميسر هونديُون. پنهنجي هڪ ٻي ٽوئيٽ ۾ وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو ته فيڪ نيوز جي حوالي سان قانون ٺاهي ڪابينا جي حوالي ڪيو ويو آهي، 2018ع کان چئي رهيو آهيان ته بنيادي سياسي سڌارن کانسواءِ ملڪ اڳ??ي نٿو وڃي سگهي. ميڊيا ۽ عدالتي سڌارا لازمي آهن.