اسلام آباد – 09 –; آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ٻن ڏينهن جي دوري تي دبئي پهچي ويو. گڏيل عرب امارات جي انصاف واري وزير عبدالله بن سلطان بن عواد النعيمي ۽ پاڪستاني سفير افضال محمود ايئرپورٽ تي صدر جو استقبال ڪيو. ايوان صدر ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب پنهنجي دوري دوران ڊاڪٽر عارف علوي گڏيل عرب امارات جي اعليٰ قيادت سان به ملاقات ڪندو ۽ دبئي ايڪسپو 2020ع ۾ پاڪستاني پوي??ين جو پڻ دورو ڪندو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي دبئي ۾ روشن پنهنج?? گهر پروگرام جي رونمائي واري تقريب ۾ پڻ شرڪت ڪندو. پنهنجي ٻن ڏينهن جي يو اي اي جي دوري جي موقعي تي صدر دبئي ۾ ڪاروباري شخصيتن ۽ مختلف ڪمپنين جي سي اي اوز سان پڻ ملاقات ڪندو. ان دوري جو مقصد پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ ٻطرفن واپاري ۽ معاشي لاڳاپن کي ??ڌي?? مستحڪم ڪرڻ آهي.