اسلام آباد – 04 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ڪامياب پاڪستان پروگرام جو افتتاح ڪري ڇڏيو. هن اسلام آباد ۾ منعقد تقريب ۾ ان پروگرام جو افتتاح ڪيو، ڪامياب پاڪستان پروگرا?? ملڪ مان غربت جي خاتمي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو. ان پروگرام تحت 14 سئو ارب جا قرض 37 لک گهراڻن کي ڏنا ويندا، ڪامياب پاڪستان پروگرام جا پنج حصا آهن. ڪامي??ب آبادگارن جي ذريعي آبادگارن کي بنا وياج جي قر?? ڏنا ويندا، ڪامياب ڪاروبار پروگرام تحت ڪاروبار لاءِ پنج لک تائين بنا وياج جا قرص ڏنا ويندا. سستا گهر اسڪيم تحت پنهنجو گهر بڻائڻ جي لاءِ آسان قسطن تي فنانسنگ جي سهولت هوندي، حڪومت جي ڪاميابي سان جاري فني مهارت اسڪالرشپ اسڪيم ۽ صحت انصاف ڪارڊ کي ڪامياب پاڪستان پروگرام سان جوڙيو ويندو.