اسلام آباد/ نيويارڪ – 22 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته افغانين جي منجمند اثاثن کي کولڻ سان افغانستان کي انساني بحران مان ڪڍڻ ۾ مد ملندي، ذميدارڻي طرز عمل طالبان جي پنهنجي مفاد ۾ آهي، هندستان پاڪستان ۾ عدم استحڪام چاهي ٿو، هن اسان جي ??لاف افغان سرزمين کي استعمال ڪيو. پرڏيهي آ??يس موجب پرڏيهي وزير نيويارڪ ۾ جاري گڏيل قومن جي ??نرل اسيمبلي جي 76 هين اجلاس جي موقعي تي فارن پريس ايسوسيئيشن سان ورچوئل ملاقات ڪري رهيو هو. هن چيو ته افغانستان جي ??ورتحال بدلجي ??هي آ??ي، عالمي برادري کي طالبان مان ڪجهه اميدون آهن جڏهن ته ڪجهه ڌُرين جو خيال آهي ته طالبان جي موجوده قيادت اجتماعيت جي ??امل نه آهي، پر منهنجي ڄاڻ موجب هاڻي افغانستان ۾ طالبان قيادت، وسعت پذير ٿي رهي آ??ي ان ۾ افغانستان جي ٻين قوميتن کي به شامل ڪيو پيو وڃي، هن چيو ته آمريڪي قيادت موجب افغانستان ۾ انهن جو مشن مڪمل ٿي چڪو آهي، هدف حاصل ڪرڻ کانپوءِ افغانستان مان غير ملڪي فوج جو نڪرڻ درست فيصلو هو. شاهه محمود قريشي جو چوڻ هو ته هندستان پاڪستان ۾ عدم استحڪام چاهي ٿو، هندستان اسان جي ??لاف افغان سرزمين کي استعمال ڪيو. جنهن جي ناقابل ترديد ثبوت اسان دنيا جي ??امهون رکيا. انساني حقن جي پاسداري کي امتيازي نه ٿيڻ گهرجي. اسان خطي ۾ امن ۽ استحڪام جا خواهشمند آهيون، ڀارت اسان جي ??من خواهش ۾، ڪشمير ۾ 5 آگسٽ 2019ع جي هڪطرفا قدم کڻي صورتحال کي وڌيڪ ڳنڀير ۽ پيچيده بڻايو. پرڏيهي وزير چيو ته افغانين جي منجمند اثاثن کي کولڻ سان افغانستن کي انساني بحران مان ڪڍڻ ۾ مدد ملندي، عالمي برادري کي ان نازڪ تاريخي موڙ تي افغانين کي اڪيلو نه ڇڏڻ گهرجي. شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪستان ڪابل مان مختلف ملڪن جي ??فارتي عملي ۽ شهرين جي محفوظ طريقي سان نڪرڻ ۾ ڀرپور مدد ڪئي پر بدقسمتي سان پاڪستان جي مثبت ڪوششن جو قدر نه ڪيو ويو.