اسلام آباد – 30 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته شهب??ز شريف لکين ماڻهن جو اسلام آباد ۾ ميڙ ڪرڻ بدران پنهنجي ڀاءُ کي برطانيا مان وطن واپس گهرائي، جهڙي طرح هو عالمي طاقتن جي خوشنودي حاصل ڪرڻ چاهين ٿا اهو شرم جو سبب آهي، پوري دنيا جو ڌيان هن وقت افغانستان تي آهي جڏهن ته مسلم ليگ (ن) ان بابت هڪ لفظ نه چيو. اهڙن خيالن جو اظهار هن شهب??ز شريف جي پريس ڪانفرنس تي ردعمل ظاهر ڪندي ڪيو. ??ن چيو ته اڄ صبح شهب??ز شريف قائداعظم محمد علي جناح جي مزار تي کل جوڳي پريس ڪانفرنس ڪئي، کيس مشورو آهي ته جيڪڏهن کل ڀوڳ جي موڊ ۾ هجي ته اهڙي جڳهه تي نه وڃي پر پنهنجي ر??ائشگاهه تي پريس ڪانفرنس ڪري. چوڌري فواد حسين چيو ته هو لکين ماڻهن جو اسلام آباد ۾ ميڙ ڪرڻ بدران پنهنجي ڀاءُ کي برطانيا مان واپس گهرائي، شهب??ز شريف جو ڀاءُ وطن واپس اچي پنهنجي خلاف ڪيسن کي منهن ڏي. هن پنهنجي ڏوهٽي جي شادي تي هڪ ملين ڊالر خرچ ڪيا ۽ رات جو شهب??ز شريف ۽ نو??ز شريف ??اڪ??تاني عوام جي لاءِ مهانگائي تي ڳوڙها واهيا، ان مان ثابت ٿئي ٿو ته هو ??اڪ??تان جي مسئلن بابت سنجيده نه آهن. ??ن چيو ته انهن جو خاندان اربين رپين جون عياشيون ڪري ر??يو آهي هڪ تقريب تي ڪروڙين رپيا خرچ ڪري ر??يو آهي، ٻئي طرف توهان مهانگائي جو گوڙ ڪري ر??يا آهيو، مهانگائي سميت سمورين حالتن کي عوام کي منهن ڏيڻو آهي، انهن کي لنڊن ۾و يهي ??اڪ??تاني عوام جي جيتري پرواهه آهي اسان کي خبر آهي. اطلاعات واري وزير چيو ته شهب??ز شريف جي خلاف ڪيسن جي جيڪا صورتحال آهي ان ۾ هو سياست ڇڏي ڏي ۽ پنهنجي وڪيلن سان گڏ وڌيڪ وقت گذاري، جهڙي طرح جون حالتون آهن لڳي نه ٿو ته هو گهڻو عرصو جلسن کي خطاب ڪري سگهندو، ان جي خلاف مضبوط ڪيسز آهن جلد ئي انهن جو فيصلو ٿيندو. ??ن چيو ته (ن) ليگ جي سياست جي منافقت جو اندازو ان ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو ته انهن افغانستان جي صورتحال تي ڪا ڳالهه نه ڪئي، هو چاهين ٿا ته نو??ز شريف برطانيا ۾ خوش رهي ۽ برطانيا ۽ آمريڪا انهن کان خوش رهن. ??ن چيو ته جهڙي طرح اهي عالمي طاقتن جي خوشنودي حاصل ڪرڻ چاهين ٿا اهو شرم جو سبب آهي، شهب??ز شريف کي گهرجي ته في الحال سياست تي گهٽ ڌيان ڏي ڇو ته سندس پارٽي ۾ اهو ٽاس ٿي ر??يو هوندو آهي ته هن مهيني هو صدر آهي، اڳئين ڀيري مريم نواز ۽ ان کان اڳئين ڀيري شاهد خاقان عباسي صدر هوندو.