اسلام آباد – 30 آگسٽ (اي پي پي) پارليامينٽ جو ??ڏيل اجلاس 13 سيپٽمبر تي گهرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي جنهن کي صدر ڊاڪٽ?? عارف علوي خطاب ڪندو. قومي اسيمبلي ??يڪريٽريٽ موجب قومي اسيمبلي ??ي اسپيڪر اسد قيصر سان وزيراعظم جي پارلياماني معاملن وا??ي صلاحڪار ڊاڪٽر بابر اعواڻ ملاقات ڪئي جنهن ۾ منصوبابندي، ترقي، سڌارن ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير اسد عمر ۽ بين الصوبائي رابطن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر فهميده مرزا پڻ شرڪت ڪئي. ملاقات ۾ مجلس شوريٰ پارليامينٽ کي صدر جي خطاب، قانونسازي ۽ نئين پارلياماني سال جي ڪلينڊر بابت معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ڊاڪٽر بابر اعواڻ چيو ته 13 سيپٽمبر تي پارليامينٽ جو ??ڏيل اجلاس گهرايو ويندو جنهن کي صدر ڊاڪٽ?? عارف علوي خطاب ڪندو. موجوده قومي اسيمبلي ??ي چ??ٿي?? پارلياماني سال جي شروعات صدر جي خطاب سان ٿيندي. قومي اسيمبلي ??ي اسپيڪر اسد قيصر چيو ته موثر قانونسازي ذريعي ئي ملڪ کي درپيش چئلينجز تي ضابطو آڻي سگهجي ٿو ۽ عوام کي درپيش مسئلن کي حل ڪري سگهجي ٿو. چ??ٿي?? پارلياماني سال ۾ التوا ۾ پيل قانونن جي منظوري ۽ عوامي ڀلائي بابت قانون ترجيحي بنيادن تي منظوري جي لاءِ پيش ڪيا وڃن. قومي اسيمبلي ??ي اسپيڪر اسد قيصر چيو ته قومي اسيمبلي ??ي ٽئين پارلياماني سال ۾ عوامي ڀلائي بابت ڪيترائي بلز منظور ڪيا ويا، بجيٽ ۽ عوامي اهميت وارن معاملن تي پڻ تفصيلي ??حث ڪيو ويو. اسد قيصر چيو ته قومي اسيمبلي ??ي ٽن سالن جي ڪارڪردگي ساراهه جوڳي آهي جنهن جو ??ريڊٽ حڪومت ۽ مخالف ڌر جي ميمبرن ڏانهن وڃي ٿو. بابر اعواڻ چيو ته پارلياماني سال جو ??يلينڊر تيار ڪيو ويو آهي جنهن کي هائوس بزنس ايڊوائيزري ڪميٽي ۾ منظوري جي لاءِ پيش ڪيو ويندو.