اسلام آباد – 04 – سيپٽمبر (??ي پي پي) وزيراعظم جي خاص معاون ڊاڪٽر شهباز گل سان ج??من سفير برن هارڊ شليگ هيڪ هتي ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ افعانستان سميت خطي جي مجموعي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ڊاڪٽر شهباز گل ج??من سفير کي وزيراعظم عمران خا?? جي ويزن بابت آگاهه ڪيو. ملاقات ۾ پاڪستان حڪومت جي ترقياتي منصوبن ۽ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين تي پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي. ملاقات ۾ سمنڊ پار پاڪستانين جي ووٽ ج?? طريقيڪار تي پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي. ڊاڪٽر شهباز گل ج??من سفير کي احتساب جي عمل ۽ گڊ گورننس بابت پڻ آگاهه ڪيو. ج??من سفير وزيراعظم جي ويزن ۽ خطي ۾ امن قائم ڪرڻ جي حڪومتي ڪوششن کي ساراهيو. ج??من سفير برن هارڊ شليگ هيڪ ملاقات لاءِ آيو. افغانستان جي صورتحال، وزيراعظم عمران خا?? جي ويزن تي جاري ڊيو??پم??نٽ پراجيڪٽس، ووٽنگ مشين، سمنڊ پار پاڪستانين جي ووٽ ج?? طريقيڪار ۽ ٻين اهم موضوعن تي ڳالهه ٻولهه ٿي. احتساب ۽ گڊ گورننس جا موضوع پڻ بحث هيٺ رهيا.