اسلام آباد – 14 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان پنهنجي 74 سالن جي سفر دوران ڪيترن ئي چئلينجن کي منهن ڏنو پر اسان پنهنجي محنت، قربانين ۽ گڏيل تعاون سان انهن چئلينجن مان سرخرو ٿياسين، ملڪ جي معاشي انگن اکرن ۾ بهتري اچڻ جا اثر عوام تائين پهچڻ شروع ٿي ويا آهن، اسان ڄمون ۽ ڪشمير مسئلي تي ڪشميرين جي اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رکڻ جي عزم کي ورجايون ٿا، اڄوڪي ڏينهن قوم وچن ڪندي ته ??سان قائداعظم جي نظرين تي عمل ڪندي پاڪستان جي اتحاد ۽ خوشحالي لاءِ ڪ?? ڪن??اس??ن.
پاڪستان جي 75 هين آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي قوم جي نالي پنهنجي پيغام ۾ صدر چيو ته مون پاڪستان جي 75 هين آزادي جي ڏهاڙي جي پرمسرت موقعي تي پنهنجي وطن واسين جي خوشي ۾ برابر جو شريڪ آهيان، اهو ڏينهن اسان کي باباءِ قوم قائداعظم محمد علي جناح ۽ تحريڪ پاڪستان جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن، جنهن ننڍي کنڊ جي مسلمانن لاءِ ڌار ملڪ ٺاهيو، کي ڀرپور خراج تحسين پيش ڪريون ٿا. هن چيو ته پنهنجي 74 سالن واري سفر دوران پاڪستان ڪيترن ئي چئلينجن کي منهن ڏنو، پر اسان پنهنجي محنت، قربانين ۽ قوم جي تعاون سان انهن چئلينجن مان سرخرو ٿياسين، پاڪستاني قوم هڪ ذهين ۽ بهادر قوم آهي ۽ مختلف شعبن ۾ اسان جون نمايان ڪاميابيون اسان کي ٻين قومن کان مشهور ڪن ٿيون،
صدر چيو ته ??نيا کي ان ڳالهه جي تعريف ڪرڻي پوندي ته پاڪستان انفرادي طور تي دهشتگردي جي خلاف ڊگهي جنگ وڙهي ۽ آخر ڪار ان لعنت کي شڪست ڏني. اهڙي طرح پاڪستان جو جوهري طاقت بڻجڻ به هڪ وڏي ڪاميابي آهي ۽ اسان جي جوهري صلاحيتن ملڪ جي دفاع کي فتح نه ٿيڻ جوڳو بڻ??ئي ڇڏيو آهي. صدر عارف علوي چيو ته ??ها ڳالهه به قابل ذڪر آهي ته پاڪستان ڪيترن ئي ڏهاڪن کان افغان پناهگيرن جي ميزباني ڪري رهيو آهي، ان کانسواءِ ڪ??رونا وبا جي خلاف پاڪستان جي موثر قدمن کي به عالمي سطح تي ساراهيو ويو، ڪورونا وبا جي خلاف ان عظيم ڪاميابي تي آئون ڊاڪٽرن، پيراميڊيڪس، عالم سڳورن، ميڊيا، نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر، سيڪيورٽي فورسز ۽ پو??ي قوم کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو.
هن چيو ته ??سان جي معاشي انگن اکرن ۾ بهتري اچڻ جا اثر عوام تائين پهچڻ شروع ٿي ويا آهن، انهن ڪاميابين جي باوجود پاڪستان کي هاڻي به سماجي ۽ معاشي محاذن تي مختلف چئلينجز درپيش آهن. انهن چئلينجز ۾ وڌندڙ آبادي، صحت ۽ تعليم جي سهولتن جي کوٽ، ذهني ۽ جسماني واڌ ويجهه ۾ گهٽتائي، غذ??ئي کوٽ ۽ ٻيون بيماريون شآمل آهن، صدر چيو ته ??ها هڪ حوصلي واري ڳالهه آهي ته ??ڪومت قرضن ۽ هنر جي فراهمي جي ذريعي عورتن ۽ معذور ماڻهن کي معاشي طور تي بااختيار بڻائڻ لاءِ قدم کنيا آهن، وڌيڪ حڪومت معاشري جي ڪمزور طبقن کي تعليم، صحت ۽ مالي امداد جي فراهمي لاءِ ”احساس پروگرام“ تحت سماجي ڀل??ئي جا مختلف منصوبا شروع ڪيا آهن. تنهن هوندي به اسان کي خصوصي ماڻهن جي سهولت، ڀل??ئي ۽ ترقي ۽ وراثت ۾ عورتن جي حقن جي فراهمي يقيني بڻائن لاءِ وڌيڪ ڪوششون ڪرڻ جي ضرورت آهي،
صدر چيو ته هن آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي اسان ڪشمير تڪرار تي ڪشميرين جي اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رکڻ جي عزم کي ورجايون آهن، آئون پنهنجي ڪشميري ڀائرن کي خاطري ڪرايان ٿو ته پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ان جي خودمختياري واري حق کي حاصل ڪرڻ تائين انهن سان گڏ بيٺل رهندو. آئون بين الاقوامي برادري کي اپيل ڪريان ٿو ته ??هو ڀارت کي مجبور ڪري ته هو ڀارتي والاريل ڄمون ۽ ڪسمير جي بي گناهه مسلمانن جي خلاف انساني حقن جون خلاف ورزيون بند ڪري ۽ ڪشميرين کي انهن جو خودمختياري وارو حق ڏيڻ جو واعدو پورو ڪري، صدر عارف علوي چيو ته ??چو ته ??سان وچن ڪريون ته قائداعظم محمد علي جناح جي نظرين تي عمل ڪن??اس??ن ۽ پاڪستان جي اتحاد ۽ خوشحالي لاءِ ڪ?? ڪن??اس??ن.