اسلام آباد – 20 آگسٽ (اي پي پي) وز??را??ظم عمران خان اليڪٽران?? ووٽنگ مشين جي استعمال جي حوالي سان آگاهي مهم تيار ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن ته جيئن عوام ۽ سمورن حصيدارن کي ان عمل جي فائدن کان آگاهه ڪري سگهجي. هو چونڊن ۾ اليڪٽران?? ووٽنگ مشين جي استعمال جي حوالي س??ن جائزي اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو. وز??را??ظم ميڊيا آفيس موجب اجلاس ۾ وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، ش??لي فراز، صلاحڪار ڊاڪٽر بابر اعواڻ، خاص مددگار ڊاڪٽر شهباز گل ۽ نادرا، سائنس ۽ ٽيڪن??لا??ي واري وزارت جي سينئر آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ وز??را??ظم کي اليڪٽران?? ووٽنگ مشينز جي استعمال جي حوالي س??ن جڊيشل ڪميشن جي تجويز ڪيل قانوني ترميمن کان آگاهه ڪيو ويو. انهن قدمن جو مقصد چونڊن جي عمل کي شفاف بڻائڻ آهي. وز??را??ظم ان ڏس ۾ آگاهي مهم تيار ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون ته جئين عوام ۽ سمورن حصيدارن کي ان عمل جي فائدن کان آگاهه ڪري سگهجي ۽ بنا جواز جي تنقيد جو حقيقتن سان گڏ جائزو پيش ڪري سگهجي.