اسلام آباد – 18 جون (اي پي پي) پا??ست??ن تحريڪ انصاف جي سينيٽر اعجاز چوڌري چيو آهي ته موجوده حڪومت پهريون ڀيرو زرعي شعبي جي بهتري لاءِ قدم کنيا آهن، ماضي ۾ زرعي شعبي کي نظرانداز ڪيو ويو، نئون پا??ست??ن هائوسنگ اسڪيم بي گهر ماڻهن کي گهر فراهم ڪرڻ لاءِ بهترين اسڪيم آهي، وزيراعظم عمران خان وزيراعظم هائوس ۽ وزيراعظم آفيس جي خرچن ۾ ڪفايت شعاري جي ذريعي وڏي رقم جي بچت ڪئي آهي. سينيٽ جي اجلاس ۾ ايندڙ مالي سال 22 -2021ع جي بجيٽ تي بحث ۾ حصو وٺندي هن چيو ته ملڪ جي 65 کان 70 سيڪڙو آبادي زراعت سان لاڳاپيل آهي، اڳوڻين حڪومتن زرعي شعبي ۽ سڌارن تي ڪو به ڌيان نه ڏنو، موجوده حڪومت جي قدمن جي ڪري ٽن سالن ۾ آبادگارن کي هر ??صل ۾ منافع آهي، هاڻي 90 سيڪڙو آبادگار بنا وياج قرض حاصل ڪري سگهندا، ٽريڪٽر ۽ ٻين زرعي اوزارن تي به بنا وياج قرض فراهم ڪيو پيو وڃي، آبادگارن کي انهن جي ??صل جي بهتر معاوضي ۽ محفوظ بڻائڻ لاءِ ڪميونٽي اسٽوريج جو تصور پيش ڪيو ويو آهي، بجيٽ ۾ 12 ارب ??وپ??ا زرعي ضرورتن لاءِ رکيا ويا آهن، هن چيو ته نئون پا??ست??ن هائوسنگ اسڪيم بي گهر ماڻهن کي ڇت فراهم ڪرڻ جو منصوبو آهي جنهن ۾ 300 ارب ??وپ??ن جي سيڙپڪاري ٿيندي ۽ 20 لک ??وپ??ا قرض 3 کان 5 سيڪڙو جي شرح تي حاصل ڪري سگهجي ٿو، ٽي لک ??وپ??ا حڪومت سبسڊي ڏيندي.