ملتان – 26 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته دنيا جي سوا ارب مسلمانن کي نبي ﷺ جي شان ۾ اظهار جي آزادي جي نالي تي ٿيندڙ گستاخي سان تڪليف پهچي ٿي، سمورن مسلمان ملڪن کي گڏائي اولهه کي اهو باور ڪرائينداسين ۽ پوءِ به اهي باز نه آيا ته انهن جو واپاري بائيڪاٽ ڪري سگهون ٿا، پوءِ ان جو اثر به ٿيندو، ڏکڻ پنجاب صوبي جي قيام جي شروعات ٿي وئي آهي، ڏکڻ پنجاب صوبو ضرور ٺهندو ۽ ان جي لاءِ آئيني ترميم آڻينداسين، پنج??ب جا ماڻهو عثمان بوزدار جي 5 سالا ڪارڪردگي کي ي??د رکندا. هو ڏکڻ پنجاب سيڪريٽريٽ ۽ ملتان جي لاءِ 30 ارب رپين جي خصوصي ترقياتي منصوبن جي پيڙهه جو پٿر رکڻ وار?? تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو.