اسلام آباد – 09 مارچ (اي پي پي) وز??را??ظم عمران خان چيو آهي ته جيڪي قومون اخلاقي قدرن ۽ انصاف کي وڃائي ڇڏين اهي تباهه ٿي وڃن ٿيون، بدعنوان عنصر پنهنجي ناجائز دولت جي زور تي غير قانوني ذريعن ۽ مني لانڊرنگ سان پئسي جي منتقلي روڪڻ لاءِ نظر رکندڙ ادارن کي ڪمزور ڪن ٿا، بدقسمتي اها آهي ته اهڙا عنصر معاشري ۾ ڪرپشن کي قابل قبول بڻائي ڇڏين عٿا، پوءِ ”کائي ٿو ته لڳائي به ٿو“ ۽ ”هڪ زرداري سڀ تي ڀاري“ جا نعرو هنيا وڃن ٿا. وز??را??ظم عمران خان جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو. اجلاس جي آغاز تي وز??را??ظم عمران خان ڳال??ائ??ندي چيو ته سينيٽ جي موجوده اليڪشن جهڙي طرح ٿي سڀني جي سامهون آهي، آئون ڪابينا جي سامهون گڏيل قومن جي سيڪريٽري جي جوڙيل پينل جي رپورٽ ”فيڪٽ آئي“ رکي رهيو آهيان، اها رپورٽ اسرندڙ ملڪن ۽ غ??يب ملڪن لاءِ وڏي خوفناڪ آهي، هن رپورٽ موجب هر سال غ??يب ملڪن مان هڪ هزار ارب ڊالر غير قانوني مني لانڊرنگ جي ذريعي امير ملڪن ۾منتقل ٿين ٿا جيڪي ”ٽيڪس هيون“ آهن. هڪ رپورٽ موجب غ??يب ۽ اسرندڙ ملڪن مان بدعنواني جي ذريعي 7 هزار ارب ڊالر چوري جو پئسو انهن ملڪن ۾ پيل آهي، انهن سڄي معاملي ۾ حڪمران اشرافيه ملوث ??هي. وز??را??ظم چيو ته غ??يب ملڪن جا نواز شريف ۽ زرداري چوري جو پئسو ٻاهر موڪليندا آهن ته انهن کان پهرين سمورا اهي ادارا جن کي مني لانڊرنگ ۽ غير قانوني ذريعن سان پئسي جي منتقلي تي نظر رکڻي آهي انهن کي ڪمزور ڪن ٿا، هي اهڙا ميگا پراجيڪٽ کڻي اچن ٿا جن جي عوام کي ضرورت ناهي هوندي پر انهن ۾ ڪڪ بيڪس وڌيڪ هوندا آهن، انهن بدعنوانين جي ڪري ملڪ قرضي ٿي وڃي ٿو ان جي قيمت مهانگائي جي ذريعي عوام ادا ڪري ٿي. وز??را??ظم جو چوڻ آهي ته بدعنوان عنصر ناجائز پئسي سان ميڊيا ??ائ??سز ۽ ٻين ادارن کي خريد ۽ استعمال ڪن ٿا ان جو سڀ کان وڏي بدقسمتي اها آهي ته معاشري ۾ ڪرپشن کي سڀني جي لاءِ قابل قبول بڻايو وڃي ٿو پوءِ ڪرپشن کي خراب نٿو سمجهيو وڃي پر اها سوچ وڌي ٿي ته کائي ٿو ته کارائي به ٿو ۽ هڪ زرداري سڀ تي ڀاري جيڪو خريد ڪري ٿو اها سياسي بصيرت تصور ڪئي وڃي ٿي. وز??را??ظم چيو ته قوم جي اخلاقيات ختم ٿي وڃي ٿي ته اهو سڀ کان وڏو نقصان هوندو آهي، اها ق??م پوءِ انصاف نٿي ڪري سگهي جنهن قوم ۾ اخلاقي قدر نه هجن اتي طاقتور کي اين آر او ۽ غ??يب کي سزا ڏني وڃي ٿي، انصاف ختم ٿيڻ کانپوءِ ڪيتريون ئي قومون تباهه ٿي وڃن ٿيون. هن چيو ته حديث جو مفهوم آهي ته ڪيتريون ئي قومون تباهه ٿيون جتي غ??يب ۽ امير جي لاءِ انصاف جا معيار ڌار ڌار هجي. هن چيو ته جنهن قوم ۾ اخلاقي معيار نه هجي اها ڪڏهن انصاف نٿي ڪري سگهي. جرمني ۽ جاپان تباهه ٿي ويا هئا پر ٻئي پنهنجي پيرن تي بيهي رهيا. وز??را??ظم چيو ته سڀني کي خبر آهي ته سينيٽ چونڊن ۾ کلي عام پئسو هلندو ??هي.