اسلام آباد – 20 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته تعميراتي ڪم ۾ تيزي سان ملڪي معيشت ۾ بهتري اي??دي ۽ ماڻهو کي روزگار جا موقعا ميسر ايندا، پنجاب حڪومت تعميراتي ڪم جي حوالي سان مليل درخواستن کي مروج قانون موجب جلد منظور ڪري ۽ تعميراتي شعب?? بابت مسئلا فوري حل ڪيا وڃن، اهڙن خيالن جو اظهار هن هائوسنگ، تعميرات ۽ ڊولپمينٽ بابت قومي رابطا ڪميٽي جي هفتيوار اجلاس جي صدارت ڪ??دي ڪيو. اجلاس ۾ وزيراعظم جو موسمياتي تبديل?? بابت خصوصي صلاحڪار ملڪ امين اسلم، سڌارن وارو صلاحڪار ڊاڪٽر عشرت حسين، سياسي رابطن لاءِ وزيراعظم جي خصوصي صلاحڪار شهباز گل، وفاقي ۽ صوبائي سيڪريٽرين ۽ سينئر آفيسرن شرڪت ڪئي. اسٽيٽ بئنڪ جي گور??ر اجلاس کي آگاهه ڪيو ته بئنڪن پاران نئون پاڪستان هائوسنگ اسڪيم تحت گهر?? جي تعمير لاءِ قرض حاصل ڪرڻ ۾ سهولت?? جي فراهمي کي يقيني بڻايو پيو وڃي.