اسلام آباد – 19 نومبر (اي پي پي) وفاقي حڪومت بلوچستان جي پوئتي پيل ڏاکڻين ضلعن لاءِ وڏي ترقياتي پيڪيج جو اعلان ڪيو آهي جنهن تحت انهن ضلعن ۾ بجلي، گئس ۽ رستن جي سهولت جي فراهمي لاءِ ٽي سالن ۾ 600 ارب ر??پي?? خرچ ڪيا ويندا، ا??هن ضلعن ۾ نيشنل گرڊ ۽ ٻين ذريعن مان بجلي فراهم ڪئي ويندي، ??يڪي ماڻهو مهانگي گئس نٿا خريد ڪري سگهن انهن جي احساس پروگرام تحت مدد ڪنداسين، پيڪيج تحت 16 نون ڊيمن جي تعمير سان هڪ لک 50 هزار ايڪڙ زمين آباد ٿين??ي، گلگت بلتستان جي عوام تحريڪ انصاف تي اعتماد جو اظهار ڪيو آهي، ??ن علائقي جي لاءِ به جامع ترقياتي پيڪيج ڏنو ويندو، ا??دروني سنڌ ترقي جي لاءِ جامع حڪمت عملي تي ڪم ڪري رهيا آهيون، ڪراچي جي لاءِ به پيڪيج ڏنو آهي، پي ڊي ايم جو بيانيو ٽوڙ ڦوڙ جو شڪار آهي، ??وام جي مسئلن تي ڳالهين لاءِ اسان جا دروزا کليل آهن پر اين آر او نه ملندو. اطلاعات ۽ نشريات وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز، مواصلات واري وزير مراد سعيد، دفاعي پيداوار واري وفاقي وزير زبيده جلال سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي منصوبابندي، ??رقي ۽ سڌارن واري وفاقي وزير اسد عمر چيو ته وزيراعظم عمران خان پهريون وزيراعظم آهي جنهن گذريل ڏينهن تربيت جو دورو ڪيو، وزيراعظم عمران خان جي ويزن موجب حڪومت جي ذميداري آهي ته ملڪ ۽ معاشري جي ڪمزور ترين طبقن کي سهارو ڏنو وڃي، هن چيو ته وفاقي حڪومت بلوچستان جي ڏاکڻين ضلعن جي ترقي جي لاءِ جيڪو پيڪيج ڏنو آهي ان ۾ اتي جي سڀ کان وڏين ضرورتن جو خيال رکيو ويو آهي، ??تي جي نوجوان آبادي جو وڏو حصو آهن، اتي زراعت به هڪ وڏو ذريعو آهي جنهن جي لاءِ پاڻي جي ضرورت هوندي ۽ ان جي لاءِ اتي ڊيم ٺاهڻ هڪ ضرورت آهي، ??نهن علائقن جي مجموعي ضرورتن کي نظر ۾ رکندي ترقياتي حڪمت عملي تي عمل پيرا آهيون.