اسلام آباد – 18 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي تاپي گئس پائيپ لائين منصوبي جي جلد تڪميل تي زور ڏيندي چيو آهي ته منصوبو پاڪستان ۽ ترڪمانستان جي وچ ۾ لا??اپ?? وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ لاءِ سنگ ميل ثابت ٿيندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ترڪمانستان جي صدر قربان علي محدو?? سان ٽيليفون تي ڳالهائيندي ڪيو. ٻنهي اڳواڻن مختلف شعبن ۾ موجوده ٻه طرفي لاڳاپن تي اطمينان جو اظهار ڪندي واپار ۽ معيشت ۽ توانائي جي شعبي ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو، ٻنهي اڳواڻن پاڪ – ترڪمانستان ٻه طرفي لا??اپ??، تاپي گئس پائيپ لائين منصوبي ۽ ٽي اي پي پاور ٽرانسميشن لائنز جي باري ۾ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.