اسلام آباد – 14 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان القادر يونيورسٽي جي ت??مي?? جو ڪم تيز ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آه?? ته ڄاڻايل يونيورسٽي ۾ نوجوان نسل کي سيرت النبي صه جي مختلف رخن ۽ صوفين جي تعليم کان روشناس ڪرائڻ سا?? گڏوگڏ جديد تعليم جي پڻ منصوبابندي ڪئي وڃ?? ته جيئن شاگردن کي موجوده وقت جي چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ مڪمل طور تي تيار ڪري سگهجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سيرت النبي صه ۽ صوفين جي تعليم جي فروغ جي حوالي سا?? ت??مي?? ڪئي ويندڙ القادر يونيورسٽي قائم ڪرڻ ۾ اڳڀرائي جي حوالي سا?? جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز، بئريسٽر علي ظفر، برگيڊيئر (ر) جميل سرور ملڪ ۽ ٻيا شريڪ هئا. وزيراعظم کي القادر يونيورسٽي قائم ڪرڻ ۾ هيستائين ٿيندڙ اڳڀرائي بابت تفصيلي طور تي آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم ميڊيا آفيس موجب وزيراعظم عمران خان اسلامي قدرن ۽ صوفين جي تعليم جي فروغ جي اهميت تي زور ڏيندي چيو ته معاشري جي اصل رو?? ۽ ??عاشرتي قدرن کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ ضروري آه?? ته نوجوان نسل کي سيرت النبي صه جي مختلف رخن ۽ صوفين جي تعليم کان روشناس ڪرايو وڃي.