اسلام آباد – 06 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ??هي ته ملڪ ۾ سمارٽ لاڪ ڊائون جي ڪري ڪورونا تي ضابطو آڻڻ ۾ مدد ملي، پاڪستاني عوام ڪوورنا کان بچاءُ جي لاءِ ضابطن تي ڀرپور طريقي سان عمل ڪيو، پاڪستان چانور برآمد ڪندڙ وڏو ملڪ آهي، مصنوعات جي ويليو ??يڊيشن ذريعي روانگي واپار ۾ اضافو ڪري سگهجي ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار ??ن انٽرنيشنل راول ايڪسپو جي ورچوئل اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. صدر چيو ??ه وزيراعظم عمران خان ڪوورنا وبا جي ڏس ۾ متاثر ٿيندڙ ماڻهن تي ڀرپور ڌيان ڏنو، مزدور ۽ ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙ طبقي جي احساس پروگرام ذريعي امداد ڪئي وئي، پاڪستان ٻين ملڪن جي مقابلي ۾ ڪورونا وبا کان گهٽ متاثر ٿيو ??هي. هن چيو ??ه ڪورونا وبا ۾ تيزي سان گهٽتائي اچي رهي آهي. هن چيو ??ه واپاري پ??هن??ي مصنوعات جي ذريعي دنيا کي اهو ٻڌائي سگهن ٿا ته اهي ڇا ٺاهي رهيا آهن، هي نمائش واپارين کي پ??هن??ي مصنوعات وڪرو ڪرڻ جو بهترين موقعو فراهم ڪري ٿي، راولپنڊي چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري اها نمائش من??قد ڪري شاندار ڪم ڪيو ??هي. صدر چيو ??ه واپارين جي ٻاهرئين ملڪ سفارتخانن ۾ مقرر ڪمرشل قونصلرز سان رابطن کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي، پرڏيهي وزارت ڪمرشل قونصلرز کي من??سب انداز ۾ آگاهي فراهم ڪري ٿي جڏهن ته واپاري برادري به ا??هن کي پ??هن??ي تجويزن کان آگاهه ڪري سگهي ٿي ته جيئن مختلف ملڪ ۾ پاڪستاني واپارين جي مصنوعات جي کپت ۾ اضافو ڪري سگهجي ۽ ڪمرشل قونصلر مختلف ملڪن جي منڊين ۾ موجود موقعن بابت واپارين کي آگاهه ڪري سگهن. هن چيو ??ه اسان کي روايتي روانگي واپار سان گڏوگڏ پ??هن??ي مصنوعات جي ويليو ??يڊيڊ تي ڌيان ڏيڻ گهرجي، پاڪستان پ??هن??ي جي ڊي پي ۾ 36 ارب ڊالر اضافي جي صلاحيت رکي ٿو، چيمبر آف ڪامرس پاڪستان جي اندر مصنوعات جي پروڊڪشن، مارڪيٽنگ سميت ٻيا معاملا ڏسي ٿو، اسان زرعي ملڪ هجڻ جي حيثيت سان روايتي پيداوار تي ڌيان ڏيون ٿا، پاڪستان چانور برآمد ڪندڙ وڏو ملڪ آهي.