اسلام آباد – 14 فيبروري (اي پي پي) ??اڪ??تان ۽ ترڪي والاريل ڪشمير ۾ بنيادي انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين کي افسوسناڪ قرار ڏيندي ڪشميري ڀائرن سان ڀرپور يڪجهتي جو اظهار ڪيو آهي ۽ ان ڳالهه تي زور ڏنو آهي ته ڪشمير مسئلو گڏيل قومن جي قراردادن ۽ ڪشميرين جي خواهشن موجب پرامن طور تي حل ٿيڻ گهرجي، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ عالمي سطح تي هڪٻ??ي جي موقف جا حامي آهن ۽ ڪالهه وانگر اڄ به گڏ بيٺل آهن، ??اڪ??تان سياحت ۽ تعميرات سميت مختلف شعبن جي ترقي لاءِ ترڪي جي تجربن مان فائدو کڻندو. اهڙن خيالن جو اظهار عمران خان ۽ ترڪي جي صدر رجب طيب اردوان هڪ گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم عمران خان چيو ته آئون ترڪ صدر کي ??اڪ??تان اچڻ تي دل جي گهراين سان ڀليڪار چوان ٿو، اڄ پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي صدر رجب طيب اردوان جي خطاب کي ??اڪ??تاني عوام تمام گهڻو ساراهيو، هو ??اڪ??تان ۾ ايترو مقبول آهي جو جيڪڏهن چونڊ وڙهي ته هو ڪلين سوئپ ڪري ويندو.