اسلام آباد – 19 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته اڳوڻي صدر جنرل (ر) پرويز مشرف جي خلاف سنگي?? غداري ڪيس ۾ تفصيلي فيصلي جو جائزو وٺڻ کانپوءِ قانوني ٽيم جي مشاورت سان حڪ??مت پنهنجو لائحه عمل طئي ڪندي، حڪ??مت انصاف سان گڏ بيٺل آهي، سنگي?? غداري ڪيس ۾ اپيل جو فيصلو مشرف جي وڪيلن کي ڪرڻو آهي. هو انفارميشن سروسز اڪيڊمي ۾ ”صحافين جو ڪردار ۽ م??تقبل جا چئلينجز“ جي عنوان سان ميڊيا ورڪشاپ کي خطاب ۽ صحافين سان ڳالهائي رهي هئي.