لاهور – 18 جولاءِ (اي پي پي) و??ير??عظم عمران خان چيو آهي ته ڪا به قوم انڊسٽريلائيزيشن کانسوا??ِ ??رقي نه ٿي ڪري سگهي، بدقسمتي سان ملڪ ۾ ڊگهي مدي واري منصوبابندي نه ڪئي وئي، رڳو چونڊون کٽڻ جي لا??ِ ??ارٽ ٽرم پلاننگ ڪئي ويندي رهي آهي، حڪومت جو رخ صحيح آهي، عثمان بوزدار ڊائنامڪ وڏو وزير آهي، پاڪستان جي پلانز تي عمل ڪري ڏکڻ ڪوريا ۽ ملائيشيا ترقي ڪئي، س??گاپور منصوبابندي تحت قدم کنيا ۽ اسان کان اڳتي نڪري ويو، منصوبي ۾ معاونت جي لاءِ وفاقي حڪومت قدم کڻندي. لاهور ويجهو شيخوپوره ضلعي ۾ قائداعظم بزنس پارڪ جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي و??ير??عظم عمران خان چيو ته قائداعظم بزنس پارڪ جهڙو منصوبو شروع ڪرڻ تي پنجاب جو وڏو وزير عثمان بوزدار ۽ سندس ٽيم مبارڪباد جا مستحق آهن. هن چيو ته ڪا به قوم انڊسٽريلائيزيشن کانسوا??ِ ??رقي نه ٿي ڪري سگهي ۽ نه ئي ترقي يافته قومن جي فهرست ۾ شامل ٿي سگهي ٿي. هن چيو ته حڪومت جو رخ صحيح آهي اسان ملڪ جي مختلف علائقن ۾ 9 خصوصي اقتصادي زونز قائم ڪيا آهن جتي مراعتون ڏنيون پيون وڃن. و??ير??عظم چيو ته 1960ع ج?? ڏهاڪي ۾ چيو ويندو هو ته پاڪستان خطي جي قيادت ڪندو. ڏکڻ ڪوريا ۽ ملائيشيا اسان جي منصوبن جي پيروي ڪري ترقي ڪئي پر اسان پٺتي رهجي وياسين. هن چيو ته ان جو بنيادي سبب اهو آهي ته اسان رڳو چونڊون کٽڻ جي لا??ِ ??ارٽ ٽرم قدم کنيا ۽ ڊگهي مدي واري منصوبابندي ڇڏي ڏني.