والاريل بيت المقدس- 30 آڪٽوبر (اي پ?? پي) ڳڙي هٿيارن سان ليس اسرائيلي ٽينڪن غزه شهر طرف پيش قدمي شروع ڪري ڇڏي، صيهوفي فوج ٽينڪن جي گولن سان پنهنجي چئو طرف هر شي کي بنا جاچ تي نشانو بڻائي رهي آهي. اي ايف پي مطابق اکين ڏٺي شاهدن ٻ??اي?? ته اسرائيلي ٽينڪون حماس خلاف پنهنجي جنگ کي تيز ڪندي غزه شهر طرف پيش قدمي ڪئي. هو جنگ زده فلسطيني علائقي جي اتر کان ڏکڻ طرف هڪ اهم روڊ ڪاٽيندي ٽينڪ غزه شهر جي ڏاکڻي ڪناري تي واقعي ضلعي زيتون ۾ داخل ٿي ويا آهن. صيهوني فوج صلاح الدين روڊ ڪاٽي ڇڏيو آ??ي جنهن سان اتر غزه جو ڏاکڻي غزه سان مرڪزي زميني رابطو ڪٽجي ويو آ??ي جڏهن ته هو هر گاڏي تي فائرنگ ڪري رهيا آهن جيڪي روڊ تي وڃڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. ٻئي طرف اسرائيل جي هڪ فوجي ترجمان ٻ??اي?? ته سان غزه ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران 600 کان وڌيڪ هدفن کي نشانو بڻايو آ??ي جڏهن ته گذريل ڏينهن 450 کان وڌيڪ هدف کي نشانو بڻايو ويو هو، اي ايف پي مطابق حماس به اتر غزه ۾ ”ڳڙي ويهڙ“ جي اطلاع ڏني آهي.