اسلام آباد – 26 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف عسڪري سطح تي مٽاسٽا تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو آهي ته پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ دفاعي ۽ اسٽريٽجڪ لاڳاپا خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي لاءِ لازمي آهن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب چين جي پيپلز لبريشن آرمي (پي ايل اي) جي هٿياربند فوج جي ڪمانڊر جنرل لي چيائو منگ وزيراعظم محمد شهباز شريف سا?? ملاقات ڪئي. وزيراعظم پاڪستا?? اچڻ تي جنرل لي جي آجيان ڪئي. جنرل لي سا?? ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ ڏهاڪن تي ٻڌل اسٽريٽجڪ لاڳاپا آهن ۽ ٻئي ملڪ اعتماد جوڳا د??ست آهن. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڀائراڻ?? لاڳاپن کي پاڪستان ۾ وسيع عوامي، سياسي ۽ اداراجاتي حمايت حاصل آهي جيڪا ٻنهي ملڪن جي ترقي جي لاءِ ضروري آهي. وزيراعظم عسڪري سطح تي مٽاسٽا تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو ته پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ دفاعي ۽ اسٽريٽجڪ لاڳاپا خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي لاءِ لازمي آهن. جنرل لي وزيراعظم سا?? ڳالهائيندي چيو ته چين مضبوط ڀاءُ، اسٽريٽجڪ پارٽنر ۽ قابل اعتماد دوست جي حيثيت سا?? پاڪستان سا?? پنهنجي لاڳاپن کي سڀ کان وڌيڪ ترجيح ڏي ٿو. هن چين ۽ پاڪستان جي ٻطرفي دوست کي تعاون ۽ حصيداري جي نئين سطحن تائين وڌائڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. علائقائي امن ۽ استحڪام کي فروغ ڏيڻ ۽ دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ پاڪستان جي هٿياربند فوج جي ڪردار کي ساراهيندي جنرل لي ٻنهي هٿياربند فوج جي صلاحيتن کي وڌائڻ جي لاءِ پاڪستان سا?? پنهنجي تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي لاءِ پيپلز لبريشن آرمي جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ٻنهي ڌرين پاڪ چين دوست جي مختلف رخن خاص طور تي ٻطرفي دفاعي ۽ اسٽريٽجڪ حصيداري کي وڌيڪ وڌائڻ تي اتفاق ڪيو.