اسلام آباد – 30 جولاءِ (اي پي پي) پيٽروليم واري وفاقي و??ير ڊاڪٽر مصدق ملڪ چيو آهي، ته نوجوانن کي روزگار جي فراهمي، مهانگائي جو خاتمو ۽ غربت تي ضابطو آڻڻ حڪومت جون ترجيحون آهن، حڪومتي قدمن سان مهانگائي 38 سيڪڙو کان گهٽجي 12 سيڪڙو تي اچي و??ي آهي، معاشي ترقي جي شرح 2.4 سيڪڙو تائين پهچي و??ي آهي، اسٽاڪ مارڪيٽ ملڪ جي تاريخ ۾ بلند ترين سطح تي آهي، زرعي شعبي ۾ ترقي جي شرح 6.3 سيڪڙو، ٽيڪس وصولي ۾ 30 سيڪڙو ۽ سڌي ريت پرڏيهي سيڙپڪاري ۾ 8.1 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي. حڪومت خرچن م گهٽتائي ۽ آمدني ۾ اضافو ڪيو آهي، 86 سيڪڙو گهريلو بجلي صارفين کي 50 ارب رپين جي سبسڊي ڏني پئي وڃي، تنقيدي براءِ تنقيد ۽ نفرت جي سياست ملڪي مفاد ۾ ناهي. پي آءِ اي جي نجڪاري ٿي رهندي، پ?? ڊبليو ڊي جي بندش جو حتمي فيصلو ڪيو ويو آهي، حڪومت ان کان پوئتي نه ??ٽندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته اونداهي ۽ غربت ۾ زندگي بسر ڪري سگهجي ٿي، نااميدي ۾ نه. ملڪ جي هر ماڻهو تي و??جب آهي ته هو اميد جو پيغام کڻي اڳيان وڌي، روزگار جي فراهمي، مهانگائي جو خاتمو ۽ غربت تي ضابطو آڻڻ، وزيراعظم جون ترجيحون آهن، ??وجوانن کي روزگار جي فراهمي حڪومت جي اهم ترجيح آهي. هن چيو ته جڏهن ملڪ ۾ ترقي ٿيندي ته نوان ڪاروبار هلندا، زراعت ترقي ڪندي ته روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا، اڄ اسان جي ترقي جي شرح جيڪا گذريل دور ۾ مائينس ٿي و??ي هئي، هاڻي 24 سيڪڙو تائين پهچي و??ي آهي، زرعي شعبي ۾ گذريل 19 سالن ۾ سڀ کان وڌيڪ ترقي جي شرح 6.3 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي و??ي آهي، اهڙي طرح صنعتي شعبي ۾ ترقي جي شرح ٽين ٽه ماهي ۾ 3.8 سيڪڙو رهي آهي. هن چيو ته ٽريڪٽرز جي پيداوار ۽ وڪري ۾ 45 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي، هارين کي فراهم ڪيل قرضن ۾ 26 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي ۽ انهن کي 9400 ارب رپين جو قرض ڏنو ويو آهي، جنهن سان هو ڀاڻ ۽ ٻيون ضروري شيون خريد ڪري سگهن ٿا. هن چيو ته گذريل سال انهي عرصي ۾ مهانگائي جي شرح 38 سيڪڙو تائين وڌي و??ي هئي، هاڻي اها گهٽجي 12.5 سيڪڙو تي اچي و??ي آهي. کاڌي پيتي جي شين جي قيمتن ۾ نمايان گهٽتائي ٿي آهي ۽ ان ۾ مهانگائي جي شرح 2 سيڪڙو تي اچي و??ي آهي. هن چيو ته بي آءِ ايس پي تحت ڪمزور طبقن لاءِ 600 ارب رپيا رکيا ويا آهن، ترقياتي منصوبن لاءِ 1200 ارب رپيا رکيا ويا آهن ۽ گهٽ ترقي و??رن علائقن تي وڌيڪ توجهه ڏني پئي وڃي. زرعي ترقي لاءِ هارين کي هر ممڪن سهولت فراهم ڪئي پئي وڃي، جتي روڊ ويندو اتي ترقي ٿيندي، ترقياتي منصوبا غريب ماڻهن لاءِ زندگي آهن. هن چيو ته قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ عمر ايوب 2013ع جي حڪومتي پاليسين تي تنقيد ڪري رهيو آهي. جڏهن ته هي ان وقت مسلم ليگ (ن) جي حڪومت ۾ وزير هو، جيڪڏهن ان کي ان سان اختلاف هو ته ان وقت حڪومت ۾ ڇو رهيو، اڄ ان کي ڪيپيسٽي پيمنٽ جي ياد اچي ٿي، جڏهن اختيار هو ته ان وقت هن ڇو نه ??خالفت ڪئي؟ تنقيد جو مقصد صرف ۽ صرف فساد ڦهلائڻ آهي. هن چيو ته 86 سيڪڙو گهريلو صارفين 200 يونٽن کان گهٽ بجلي استعمال ڪن ٿا ۽ وزيراعظم 50 ارب رپيا ترقياتي منصوبن مان ڪڍي انهن کي سبسڊي ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي، انهن کي ايندڙ مهيني کان رليف ملڻ شروع ٿي ويندو. هن چيو ته وزيراعظم مختلف ڪميٽيون جوڙيون آهن جن جي رپورٽ اچڻ کان پوءِ انهن مسئلن جو حل نڪرندو. هن چيو ته تنقيد براءِ تنقيد ۽ نفرت جي سياست ملڪ ۾ مفاد ۾ ناهي، اسٽاڪ مارڪيٽ 78 هزار پوائنٽس مٿي هلي و??ي آهي ۽ ڪجهه مهينن ۾ 70 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي، ان سان سيڙپڪارن جي اعتماد جي عڪاسي ٿئي ٿي، پاليسي ريٽ ۾ ترتيبوار گهٽتائي اچي رهي آهي، مهانگائي جي شرح ۾ گهٽتائي آئي ته قرضن تي وياج جي شرح ۾ به گهٽتائي ايندي جنهن سان نوجوان پنهنجو ڪاروبار شروع ڪري سگهندا. روانگي و??پار ۾ 3 ارب ڊالرن جو اضافو ٿيو آهي، پرڏيهي مٽاسٽا جي ناڻي جا ذخيرا به وڌي رهيا آهن. حڪومت پنهنجي خرچن ۾ گهٽتائي ڪئي آهي ۽ آمدني ۾ اضافو ڪيو آهي، ٽيڪس اوڳاڙين ۾ به 30 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي. ڊاڪٽر مصدق ملڪ چيو ته ڪريڊٽ ريٽنگ ايجنسي فچ پاڪستان جي درجه بندي کي بهتر بڻايو آهي، سڌي ريت پرڏيهي سيڙپڪاري ۽ پرڏيهه مان اماڻيل ناڻي ۾ به اضافي جو رجحان آهي. سڌي ريت پرڏيهي سيڙپڪاري ۾ 8.1 سيڪڙو جو اضافو ڏسڻ ۾ آيو آهي. بنيادي مسئلو اهو آهي، ته ڪجهه ماڻهن سوچي و??تو آهي ته مسئلن کي حل ٿيڻ ناهي ڏيڻو. هن چيو ته پي ٽي آءِ پئسا ڏئي پاڪستان خلاف پروپئگنڊه لاءِ لابسٽ جون خدمتون حاصل ڪيون آهن. هن چيو ته مهانگائي تي ضابطو آڻڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن، ??اڪستان آهي ته اسان سڀئي آهيون، پ?? آءِ اي جي نجڪاري لاءِ واڪ اچي چڪا آهن، اها نجڪاري ٿي رهندي، پ?? ڊبليو ڊي ۾ جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي، انهن جي سڀني کي خبر آهي. ان کي بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي ۽ اهو حتمي فيصلو آهي، جنهن سان حڪومت پوئتي نه ??ٽندي، هي ادارو ڪرپشن جو ڳڙهه بڻيل هو، ان جي جاءِ تي ترقياتي منصوبن لاءِ بهتر طريقيڪار سامهون اندو ويندو، ڪيترائي اهڙا ادارا ۽ وزارتون جن جي ضرورت ناهي، انهن جي ري اسٽرڪچرنگ تي به غور ڪيو پيو وڃي.