اسلام آباد – 23 – جولائي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سين??ٽر اسحاق ڊار برطانيا جي نئ??ن چونڊيل پرڏيهي معاملن، دولت مشترڪه ۽ ترقياتي معاملن واري وزير ڊيوڊ ليمي سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. نائب وزيراعظم سين??ٽر اسحاق ڊار ڊيوڊ ليمي کي برطانوي پرڏيهي وزير طور مقرري تي مبارڪباد ڏني. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم اميد ظاهر ڪئي ته برطانيا ۾ نئ??ن حڪومت پاڪستان ۽ برطانيا جي لاڳاپن ۾ مثبت رفتار کي جاري رکندي. ٻنهي وزيرن پاڪستان ۽ برطانيا جي وچ ۾ خوشگوار لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي ??اء?? برطانوي پاڪستانين جي مثبت ڪردار کي ساراهيو. نائب وزيراعظم دولت مشترڪه جي ڏس سميت برطانيا سان پنهنجي لاڳاپن کي پاڪستان جي اهميت تي زور ڏنو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سين??ٽر اسحاق ڊار چيو ته موسمياتي تبديلي ??ي منهن ڏيڻ، نوجوانن جي ??اء?? موقعا پيدا ڪرڻ ۽ واپار ۽ سيڙپڪاري کي فروغ ڏيڻ جي ??اء?? پرڏيهي وزير ڊيوڊ ليمي سان گڏ ڪم ڪرڻ جا منتظر آهيون. برطانيا جي پرڏيهي وزير پنهنجي مدي دوران پاڪستان جي ??اء?? برطانيا جي حمايت جو ورجاءُ ڪيو. ٻنهي وزيرن ٻطرفي تعاون کي وڌائڻ ۽ آڪٽوبر ۾ دولت مشترڪه جي حڪومتي سربراهن جي اجلاس ??اء?? گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو.