اسلام آباد – 04 – جولائي (اي پي پي) پاڪستان غزه جي ميڊيڪل جي شاگردن کي پاڪستان ۾ ميڊيڪل جي ت??لي?? مڪمل ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي. پرڏي??ي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته اهو فيصلو نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار جي هدايت تي پاڪستان ميڊيڪل ڪاليج اينڊ ڊينٽل ڪائونسل (پي ايم ڊي سي) ڪيو آهي، ان سان غزه جا شاگرد پاڪستان ۾ انساني همدرديءَ جي بنياد تي پنهنجي طبي ت??لي?? جاري رکي سگهندا. هن چيو ته غ??ه سان تعلق رکندڙ فلسطيني شاگرد 20 کان 30 جي بئچن ۾ جلد ئي پاڪستان جي ميڊيڪل ڪاليجن ۾ شامل ٿيندا. ترجمان چيو ته ان فيصلي سان غزه جا شاگرد پاڪستان ۾ ڪارڊيالوجي، آرٿوپيڊڪس، آنڪولوجي، پيڊياٽرڪس ۽ سرجري جي شعبن ۾ پنهنجي طبي ت??لي?? مڪمل ڪري سگهندا ته جيئن غزه جي صحت جي سارسنڀال جي نظام ۾ اهم ضرورتن کي پورو ڪري سگهجي.