اسلام آباد – 24 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته وفاقي حڪومت صوبائي حڪومتن سان گڏجي پوليو جي خاتمي جي ل??ءِ پرعزم آهي، ملڪ مان پوليو جي خاتمي جي ل??ءِ سمورا وسيلا استعمال ۾ آ??ين??اسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن پوليو جي خاتمي جي ل??ءِ قومي ٽاسڪ فورس جي اج??اس کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته انسانيت جي ل??ءِ توهان جون خدمتون ساراهه جوڳيون آهن، پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام پاران توهان کي ڀليڪار چوان ٿو، رياض ۾ سربراهه اج??اس جي موقعي تي توهان سان ملاقات دوران مفيد ڳالهه ٻولهه ٿي. هن چيو ته پاڪستان ۾ پوليو جي خاتمي ل??ءِ بهتر صحت ۽ ٻارن جي واڌويجهه ۾ توهان جي خدمتن مان پاڪستان فائدو کڻي ر??يو آهي. هن چيو ته گذريل سال پوليو جي خاتمي جي ل??ءِ مالي معاونت ۾ 30 سيڪڙو حصو بل گيٽس فائونڊيشن جو آهي، ملڪ ۾ صحت ۽ سماجي شعبي ۾ توهان جي خدمتن مان پاڪستان فائدو کڻي ر??يو آهي، اسان کي پوليو جي خاتمي جي ل??ءِ فوري عمل ڪرڻو پوندو، سرحدي اچ وڃ سان پاڪستان ۾ پوليو آيو، اسان کي ان مسئلي کي موثر انداز ۾ منهن ڏيڻو آهي. هن چيو ته پاڪستان مان پوليو جي خاتمي جي ل??ءِ گذريل ٽن سالن ۾ مالي مدد ۾ اضافو ٿيو، سعودي عرب ايندڙ 5 سالن ۾ 50 ڪروڙ ڊالر جي خاطري ڪرائي آهي، وفاقي حڪومت صوبائي حڪومتن سان گڏجي ملڪ مان پوليو جي خاتمي جي ل??ءِ سمورا وسيلا استعمال ۾ آ??ين??ي. هن چيو ته گذريل 6 مهينن ۾ پوليو جي خاتمي جون 6 مهم هلايون ويون، پنهنجي ٻارن جي زندگين کي محفوظ بڻائڻ جي ل??ءِ اسان کي پنهنجي ملڪ کي پوليو کان پاڪ ڪرڻو آهي، پوليو جي اتمي جي ل??ءِ لاڳيتو اج??اس ڪندس. هن چيو ته ڊيجيٽائيزيشن جي عمل ۾ تعاون تي توهان جا ٿورائتا آهيون. بل گيٽس فائونڊيشن جي چيئرمين بل گيٽس تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان سان پوليو جي خاتمي ۽ صحت جي ٻين شعبن ۾ ڪم ڪرڻ جي ل??ءِ تيار آهيون، ايندڙ 6 مهينن ۾ گڏجي پوري طاقت سان ڪم ڪرڻو پوندو. هن چيو ته پاڪستان مان پوليو جي خاتمي جي ل??ءِ ترجيحي بنيادن تي ڪم ڪرڻو پوندو، پاڪستان ۾ ڊيجيٽائيزيشن منصوبو اسان جي ترجيح آهي. تقريب ۾ وفاقي وزيرن، پارليامينٽ ميمبرن ۽ ٻين اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.